رانديون

چيڪ ٽينس اسٽار ڪويٽا ۽ وينڪ شادي ڪري ڇڏي

چيڪ ريپبلڪ جي عالمي نمبر 8 ٽينس اسٽار پيٽرا ڪويٽا اڳوڻي ٽينس اسٽار جري وينڪ سان شادي ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق پيٽرا ڪويٽا ۽ جري وينڪ سوشل ميڊيا تي تصويرون شيئر ڪندي پنهنجي شادي ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪويٽا شيئر ڪيل تصوير ۽ ان جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي تھ اسان ٻنهي گذريل آچر جي ڏهاڙي شادي رچائي ورتي آهي، جنهن جي تقريب بلوويڪ شهر ۾ ٿي آهي. هوڏانهن آئيگها سوائيٽڪ، بلي جين ڪنگ، اينگليڪ ڪربر ۽ ٻِين رانديگرن جوڙي کي شادي ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button