رانديون

شاهينز ڀارت اي کي هر شعبي ۾ آئوٽ ڪلاس ڪيو: ذڪا اشرف

پي سي بي جي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف پاڪستان شاهينز جي ايمرجنگ ايشيا ڪپ ۾ پرفارمنس جي ساراهه ڪندي چيو آهي تھ شاهينز ڀارت اي کي هر شعبي ۾ آئوٽ ڪلاس ڪيو. ميڊيا کي جاري ڪيل بيان ۾ پي سي بي سربراهه چيو تھ شاهين جي رانديگرن ثابت ڪيو تھ اهي دنيا جي ڪهڙي بھ ٽيم کي هارائي سگهن ٿا، تنهنڪري انهن جي هر جڳهه تي پٺڀرائي ڪرڻ گهرجي. هن جو چوڻ هو تھ ايمرجنگ ايشيا ڪپ ۾ ڪاميابي سان ايشيا ۽ ورلڊ ڪپ ۾ فتح جو رستو کليو آهي. هن چيو تھ ايشيا ڪپ بھ سريلنڪا ۾ آهي، اسان جون نيڪ خواهشون ٽيم سان گڏ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button