پاڪستان جي بالرن ابرار الحق ۽ نسيم شاهه بالن جا جارحاڻا حملا ڪندي سريلنڪا کي ٻي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن ئي 166 رنسن تي ڍير ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڪولمبو ۾ ٻي ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن پاڪستان جي بالرن جي نالي رهيو آهي، جنهن ۾ ابرارالحق 4 ۽ نسيم شاهه 3 شڪار ڪري ورتا آهن. سريلنڪن بيٽرز مان ڌننجيا ڊي سلوا 57، دنيش چنديمل 34 رنسن سان نمايان رهيا، جڏهن تھ 2 ڄڻا تھ کاتو کولڻ بنا واپس هليا ويا. ڪپتان ڊيموٿ ڪرونارتني 17، رنسن تي پويلين موٽي ويو، رميش مينڊس 27 تي آئوٽ ٿي ويو ۽ باقي 5 ڄڻا ڊبل فگر ۾ نھ اچي سگهيا آهن. پاڪستان پهرين اننگز ۾ 2 وڪيٽون وڃائي 145 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، جن ۾ امام الحق 6 ۽ شان مسعود 51 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا آهن. جڏهن تھ ڪپتان بابراعظم 8 ۽ عبدالله شفيق 74 رنسن سان اڃا ڪريز تي موجود هئا تھ راند جو وقت ختم ٿي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close