پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻي ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن برسات حوالي ٿي ويو آهي ۽ راند کي شروع ٿيڻ جي ڪجهه دير بعد روڪي ختم ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڪولمبو ۾ جاري ميچ جي ٻئي ڏينهن تي پاڪستان جا بيٽرز رڳو 33 رنسن جو اضافو ڪري سگهيا تھ برسات پئجي وئي. جڏهن تھ سريلنڪا جي پهرين اننگز ۾ 166 رنسن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان 178 رنسون ٺاهي 12 رنسن جي برتري ماڻي ورتي آهي. هوڏانهن برسات سبب راند ختم ڪرڻ وقت عبدالله شفيق 87 ۽ ڪپتان بابراعظم 28 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close