رانديون

قومي ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي مسئلي ۾ وڏي اڳڀرائي

ڪراچي: سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، بورڊ ڪرڪيٽرن جا جائز مطالبا پورا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي. قومي ڪرڪيٽر سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ مڪمل تبديلي چاهين ٿا، اهو ئي سبب آهي جو هنن هن وقت تائين سائن ڪرڻ لاءِ رضامندي ظاهر نه ڪئي آهي، هو چاهين ٿا ته فيملي هيلٿ انشورنس سميت والدين، تعليمي پاليسي، اسپانسر شپ معاهدو ۽ آءِ سي سي جي روينيو مان حصو به ڏنو وڃي. ليگز لاءِ اين او سي جي واضح پاليسي اختيار ڪرڻ تي زور پڻ ڏنو پيو وڃي.

ان سلسلي ۾ پي سي بي جي اعليٰ آفيسر ڪجهه ڏينهن اڳ سريلنڪا ۾ ڪجهه سينيئر ڪرڪيٽرن سان ملاقاتون به ڪيون پر ڪوبه مثبت نتيجو نه اچي سگهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه ذڪا اشرف معاملي کي جلد کان جلد حل ڪرڻ چاهي ٿو، هو ڪانٽريڪٽ جي حوالي سان سينيئر ڪرڪيٽرن سان ملڻ لاءِ به تيار آهي، جڏهن ته سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز کان پوءِ ڪپتان بابر اعظم ۽ ٻيا ڪرڪيٽر لنڪن پريميئر ليگ لاءِ اتي ئي رهندا، پوءِ ايشيا ڪپ ايندو، ان ڪري جلد ڪا به ملاقات ممڪن نظر نٿي اچي، چيئرمين ٻين عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته رانديگرن جا جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button