رانديون

آءِ سي سي ورلڊڪپ، پاڪ-ڀارت ميچ جي تاريخ تبديل ڪرڻ جو امڪان

نئين دلي: آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ورلڊڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ جي تاريخ تبديل ڪرڻ جو امڪان آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب هندن جي تهوار نوراتري سبب ڀارتي سيڪيورٽي ادارن احمد آباد ۾ کيڏي ويندڙ ميچ جي تاريخ تبديل ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي، ان ڪري 15 آڪٽوبر تي ٿيندڙ ميچ کي ٻيهر شيڊيول ڪري سگهجي ٿو. احمد آباد ۾ هندو برادري پنهنجون رسمون روايتي انداز ۾ ادا ڪندي آهي.

سڪيورٽي ادارن مذهبي تهوار جي موقعي تي هاءِ پروفائيل ميچ جي سيڪيورٽي کي مشڪل قرار ڏنو آهي. رپورٽن مطابق 15 آڪٽوبر تي نوراتري جو پهريون ڏينهن هوندو ۽ ان ڏينهن سڄي گجرات ۾ گربا کيڏيو ويندو آهي، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿيندا آهن، جنهن سبب سيڪيورٽي ادارن ميچ جي تاريخ تبديل ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button