اسلام آباد: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور مڊل آرڊر بيٽسمين سعود شڪيل سريلنڪا خلاف سيريز جي ٻئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي. 27 ورهين جي سعود شڪيل ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 146 سالن جي تاريخ کي تبديل ڪري ڇڏيو. ڪالهه سريلنڪا جي گادي واري شهر ڪولمبو ۾ سعود شڪيل سريلنڪا خلاف ٻئي ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ 57 رنسون ٺاهي اهڙو ڪرنامو سرانجام ڏنو. هو شروعاتي 7 ٽيسٽ ميچن ۾ 50 يا ان کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ پهريون بيٽسمين بڻجي ويو آهي. ان کان اڳ ڪو به رانديگر اهو اعزاز حاصل نه ڪري سگهيو آهي. سعود شڪيل نه رڳو 96 ڏهائي 78 جي اوسط سان 871 رنسون ٺاهيون پر ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 146 سالن جي تاريخ کي به تبديل ڪري ڇڏيو.
سعود شڪيل 7 ٽيسٽ ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي 13 اننگز ۾ 871 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 6 ففٽيون ۽ 2 سينچريون شامل آهن ۽ سندس ڪيريئر جون بهترين 208 رنسون آهن. سعود شڪيل راولپنڊي ۾ انگلينڊ خلاف پنهنجي پهرين ٽيسٽ ۾ 76 رنسون ٺاهيون، ساڳي ٽيم خلاف ملتان ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ 94 ۽ 63 رنسون اسڪور ڪيون. ڪراچي ۾ انگلينڊ خلاف ٽين ميچ ۾ سعود شڪيل 53 رنسون ٺاهيون، ڪراچي ۾ ئي نيوزيلينڊ خلاف چوٿين ۽ پنجين ٽيسٽ ميچ ۾ سعود شڪيل 55 ۽ 125 رنسون اسڪور ڪيون، گالي ۾ سريلنڪا خلاف پنهنجي ڇهين ٽيست ميچ ۾ سعود 208 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڪولمبو ۾ سرلنڪا خلاف پنهنجي ستين ٽيسٽ ميچ ۾ سعود شڪيل 57 رنسون اسڪور ڪيون آهن.