رانديون

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ورلڊ ڪپ لاءِ آن لائين ٽڪيٽون جاري ڪرڻ کان لاچار

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ بي سي سي آئي دنيا جو امير ترين بورڊ هجڻ باوجود ورلڊ ڪپ لاءِ آن لائين ٽڪيٽون جاري ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق بي سي سي آئي جي سربراهه جئي شاهه جي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023ع جي ميچن جون اي ٽڪيٽن جاري نھ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جئي شاهه جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تھ احمد آباد ۽ لکنئو جهڙن وڏي تعداد وارن اسٽيڊيمز لاءِ اي ٽيڪيٽون جاري ڪرڻ ممڪن ئي نھ آهن، پر گيڏيل سيريز جون اي ٽڪيٽون ڏيڻ شروع ڪنداسين، جنهن بابت اسين آئي سي سي سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون. هن جو چوڻ هو تھ اي ٽڪيٽون جاري نھ ٿينديون، تنهنڪري ورلڊ ڪپ جون ميچون ڏسڻ لاءِ ايندڙ شوقين ٽڪيٽ پاڻ سان گڏ رکن. هن جو چوڻ هو تھ ساٿي بورڊن جي دوستن سان گڏجي ميچون ڏسندڙ شوقينن کي بوتلن ۾ مفت پاڻي فراهم ڪيو ويندو، ڪوشش آهي تھ ميچن لاءِ ماحول دوست نظام هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button