رانديون

پاڪستان جي هاڪي ٽيم پهرين آگسٽ تي ڀارت رواني ٿيندي

پاڪستان جي هاڪي ٽيم ايشين چيمپئنز ٽرافي جي ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ پهرين آگسٽ تي ڀارت رواني ٿي ويندي. ميڊيا مطابق وفاقي حڪومت پاران ٽيم کي ڀارت وڃڻ جي حوالي سان اين او سي جاري ڪرڻ بعد هاڪي اسڪواڊ ڀارت روانگي جي تياري ڪري بھ ورتي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ايشين چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت لاءِ پاڪستاني ٽيم ڪپتان عمر ڀٽا جي اڳواڻي ۾ واهگا بارڊر رستي رواني ٿيندي. هوڏانهن پاڪستاني ٽيم جي هيڊ ڪوچ شهناز شيخ سميت ٽن آفيشلز کي اڃا ويزا نھ ملي آهي، جيڪي محرم جي موڪلن سبب گهرن ڏي هليا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button