رانديون

پاڪستان ڄائي اسڪاٽش باڪسر فرح گولڊن گلووز کٽي ورتا

پاڪستان ڄائي اسڪاٽ لينڊ جي شهري عورت باڪسر فرح جميل گولڊن گلووز کٽي ورتا آهن. ميڊيا مطابق ايونٽ ۾ ڪاميابي ماڻڻ بعد فرح جميل گولڊن گلووز کٽيندڙ پهرين مسلمان ۽ پاڪستان ڄائي عورت هجڻ جو اعزاز ماڻيو آهي. هوڏانهن اسڪاٽ لينڊ جي شهري طور گولڊن گلوز کٽڻ بعد فرح جميل خوشي جو اظهار ڪيو آهي. فرح جميل جو چوڻ هو تھ باڪسنگ ۾ وڏو اعزاز ماڻڻ بعد پاڪستاني پسمنظر ٻڌي ماڻهو حيران آهن. هن چيو تھ مسلمان هجڻ سبب منهنجو راندين ڏانهن گهٽ ڌيان رهيو، پر باڪسنگ جي شوق سبب هن شعبي ۾ آئي آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button