
پاپوا نيوگني جي ڪرڪيٽ ٽيم فلپائن لي شڪست ڏئي ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2025ع لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق پايسفڪ ايشيا ڪواليفائر ميچ ۾ پاپوا نيوگني 100 رنسن تان فلپائن کي شڪست ڏئي ڪواليفائي ڪيو آهي. پاپوا نيوگني جي ٽيم 6 وڪيٽن تي 229 رنسون ٺاهيون، جن ۾ ٽوني يورا، اسدا والا، چارلس اميني ففٽيون هڻي ٽيم جي ڪاميابي ۾ مک ڪردار ادا ڪيو. جڏهن تھ فلپائن جي ٽيم 7 وڪيٽن تي 129 رنسون ٺاهي شڪست کاڌي آهي. پاپوا نيوگني جي ٽوني يورا کي 31 بالن تي 61 رنسون ٺاهڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي.