رانديون

اسٽيورٽ براڊ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي تيز بالر اسٽيورٽ براڊ هر قسم جي فارميٽ واري ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق اسٽيورٽ براڊ ايشز جي 5 ٽيسٽ بعد هر قسم جي ڪرڪيٽ تان رٽائرڊ ٿيندو، جنهن بابت هن جو چوڻ آهي تھ ايشز سيريز جي 5 ٽيسٽ سندس ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ اوول ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي اسٽيورٽ براڊ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو آهي، ان کان اڳ اسٽيورٽ براڊ 167 ٽيسٽن ۾ 602 وڪيٽون ورتيون، 121 ون ڊي ۽ 56 ٽي 20 بھ کيڏي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button