رانديون

ويمنز فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ مراڪش، ناروي ۽ ڪولمبيا ميچ کٽي ورتا

ويمنز فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ مراڪش، ناروي ۽ ڪولمبيا ميچ کٽي ورتا آهن، جڏهن تھ ڏکڻ ڪوريا ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ميچ بنا نتيجي ختم ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ناروي جي ويمن ٽيم جارحاڻي راند کيڏندي 6 گول ڪري ڪاميابي ماڻي، سندس مقابلي ۾ فلپائن جي ٽيم هڪ گول بھ نھ ڪري سگهي آهي. ڪولمبيا 2 گول ڪري جرمني کي هارايو، جرمني جا رانديگر هڪ گول ڪري سگهيا. جڏهن تھ  مراڪش ڏکڻ ڪوريا کي هڪ گول تان شڪست ڏني آهي. هوڏانهن سوئٽرزلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن ۾ سخت مقابلو ٿيو، جنهن ۾ مقرر وقت اندر ڪابھ ٽيم گول نھ ڪري سگهي ۽ ميچ برابر ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button