رانديون

ڪرڪيٽرن جي معاوضي ۾ 30 کان 35 سيڪڙو اضافي جو امڪان

پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽرن جي نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ تحت معاوضي ۾ 30 کان 35 سيڪڙو اضافي جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو مدو اڄ ختم ٿيندو، جنهن بعد امڪان آهي تھ نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ايندڙ هفتي ڪيو ويندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ڪرڪيٽرن جو معاهدو هڪ مهينو اڳ ختم ٿيو هو، پر پي سي بي ۾ تبديلين سبب اختيارين پاران هڪ مهيني جي واڌ بھ ڏني وئي، جيڪا اڄ ختم ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ پي سي بي جي سي اي او سلمان نصير ۽ ڊائريڪٽر انٽرنيشنل عثمان واهلا سريلنڪا ۾ ڪپتان بابراعظم ۽ سينيئر رانديگرن سان مشاورت ڪري ورتي آهي ۽ اهي هاڻ مينيجمينٽ کي بريفنگ ڏيندا. ذريعن موجب سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ ميچ في وڌائڻ ۽ ليگز بابت اين او سي لاءِ نيون شقون شامل ٿينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button