پاڪستان جي عالمي ۽ ايشين سنوڪر چيمپئين احسن رمضان کي لاهور جي پوليس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق لاهور پوليس گرين ٽائون واري علائقي ۾ دير تائين ڪلب جو دروازو کولڻ تان ڇاپو هڻي حراست ۾ ورتو، جنهن بعد سندس بيلٽ پڻ لاٿو ويو آهي، جنهن جي تصوير سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي وئي آهي. احسن رمضان ميڊيا کي ٻڌايو تھ مون پوليس کي ٻڌايو تھ عالمي چيمپيئن آهيان ۽ پريڪٽس ڪريان پيو، جنهن تي اهلڪارن چيو تھ اسان تي ڪهڙو احسان ٿو ڪرين. هن چيو تھ پوليس گرفتار ڪرڻ بعد گارگند ڪيو، تعارف ڪرائڻ تي بيعزتي ڪئي آهي. هوڏانهن سي سي پي او لاهور نوٽيس وٺي جاچ جو حڪم ڏئي رپورٽ طلب ڪئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close