پي سي بي جو اڳوڻو چيئرمين اعجاز بٽ گهڻو عرصو بيمار رهڻ بعد وفات ڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق اعجاز بٽ لاهور ۾ 85 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڏنو، جنهن جي خاندان جي ڀاتين پڻ تصديق ڪري ڇڏي آهي. خاندان وارن جو چوڻ آهي تھ اعجاز بٽ وڏي عرصي کان فالج جي بيماري ۾ مبتلا هو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ اعجاز بٽ 8 ٽيسٽن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي. جڏهن تھ سندس پي سي بي جي چيئرميني واري 2009ع ۽ 2010ع جي دور ۾ فڪسنگ اسڪينڊل بھ ظاهر ٿيو، هن جي سربراهي دوران پاڪستان يونس خان جي ڪپتاني ۾ 2009ع دوران ٽي 20 ورلڊ ڪپ پڻ کٽيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close