
پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن جي واڳ ٻيهر اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق جي حوالي ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي اختيارين سماجي رابطن واري پيج تي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق کي چيف سليڪٽر مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. انضمام الحق 2019ع ۾ ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم چونڊي چڪو آهي، جنهن کي ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ مڪي آرٿر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو پڻ تجربو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ افغانستان خلاف سيريز ۽ ايشيا ڪپ لاءِ ٽيم جو اعلان انضام جي چارج سنڀالڻ بعد خميس تي ڪندو، جنهن بابت گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي. ذريعن اها بھ دعوا ڪئي تھ ڪوچز ڊائريڪٽر مڪي آرٿر، هيڊ ڪوچ گرانٽ بريڊ برن ۽ بيٽنگ توڙي بالنگ ڪوچ کي برقرار رکڻ تي مشاورت ٿي وئي، پر مينيجر ريحان سميت نان ٽيڪنيڪل اسٽاف خطري هيٺ آهن، جن بابت اڃا ڪو فيصلو ناهي ٿيو. ذريعن ٻڌايو تھ قومي ڪرڪيٽرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏيڻ بابت مشورا ڪيا ويا ۽ ان سميت اهم فيصلا جلد ٿيندا، جن جو اعلان چيئرمين ذڪا اشرف ڪندو.