لنڪا پريميئر ليگ ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جارحاڻي راند کيڏندي سينچري ٺاهي پنهنجي ٽيم ڪولمبو اسٽرائيڪرز کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق لنڪا پريميئر ليگ جي 10 ميچ ۾ گال ٽائيٽنز 3 وڪيٽن جي نقصان تي 188 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ٽم سيفرٽ 54 رنسن سان نمايان رهيو، شيوون ڊينيئل 49، ليسٿ ڪروسپلي 36 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ بابراعظم جي ڪولمبو اسٽرائيڪرز آخري اوور ۾ هدف ماڻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، جنهن ۾ بابراعظم 5 ڇڪا ۽ 8 چوڪا هڻي 104 رنسون ٺاهي ٽيم کي 7 وڪيٽن تان ڪامياب ڪرايو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close