رانديون

پاڪستان شاهين هٿان ون ڊي ۾ پاپوا کي 224 رنسن تان شڪست

پاڪستان شاهين آسٽريليا جي دوري ۾ پهرئين ون ڊي ۾ پاپوا نيوگني کي 224 رنسن تان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق پهرين ون ڊي ۾ پاڪستان شاهين 8 وڪيٽن جي نقصان تي 323 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ اوپنر اذان اويس 72 ۽ عرفات منهاس 56 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ پاپوا نيوگني جي ٽيم موٽ ۾ 99 رنسن تي ڍير ٿي شڪست کائي وئي آهي. پاڪستان جي بالر فيصل اڪرم 17 رنسون ڏئي 5 شڪار ڪيا، احمد خان 3 ۽ عامر حسين 2 آئوٽ ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button