رانديون

ورلڊ ڪپ کان اڳ ڪولڪتا اسٽيڊيم ۾ باهه ڀڙڪي پئي

ڀارت ۾ رٿيل ورلڊ ڪپ جي مقابلن کان اڳ ڪولڪتا جي ايڊن گارڊن اسٽيڊيم ۾ باهه ڀڙڪي پئي، جنهن سبب اسٽيڊيم جي ڪيترن حصن جو رابطو هڪٻئي کان ڪٽجي ويو آهي. ميڊيا مطابق آئي سي سي جي ميگا ايونٽ ۾ باقي ٻن مهينن کان بھ گهٽ وقت رهڻ باوجود تياري بھ مڪمل نھ ٿي آهي، جنهن دوران باهه جي واقعي وڌيڪ پريشاني کي جنم ڏنو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ايڊن گارڊن جي ڊريسنگ روم ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي، جنهن ۾ سمورو سامان سڙي ويو ۽ فالسنگ تباهه ٿي آهي، باهه ۾ رانديگرن جا رکيل ڪيترائي يادگار سڙي ويا آهن، جنهن سان انتظاميا ۾ ڳڻتي پکڙجي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button