پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تيز بالر شاهنواز ڏاهاڻي سليڪشن نھ ٿيڻ بابت پنهنجو شڪايت وارو سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ختم ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق شاهنواز ڏاهاڻي ون ڊي ۾ چونڊ نھ ٿيڻ تي شڪايتي بيان سوشل ميڊيا تي رکيو هو، جنهن تي پي سي بي پاران شاهنواز ڏاهاڻي جي بيان تي ڪاوڙ ڏيکارڻ ۽ پڇاڻو ڪرڻ جي چتاءَ بعد بيان هٽايو ويو آهي. شاهنواز ڏاهاڻي هٽايل بيان ۾ چيو هو تھ چيف سليڪٽر جي پريس ڪانفرنس ۾ ڪنهن صحافي يا تجزيي نگار کان مون بابت سوال پڇڻ جي همٿ ڇو نھ ٿي، راشد لطيف جي پيسرز جي فهرست ۾ نالو نھ ڏيڻ تي هن پنهنجي پرفارمنس شيئر ڪندي لکيو تھ لڳي ٿو تھ مان پاڪستاني پيسر ناهيان، جنهن بعد راشد لطيف پنهنجي غلطي تسليم ڪئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close