رانديون

پي سي بي پاران ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ اسٽرڪچر ۽ شيڊول جو اعلان

پي سي بي نئين ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ اسٽرڪچر ۽ ان جي پهرين سيزن جي شيڊول جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي ڊوميسٽڪ سيزن دوران ريجنز ۽ ڊپارٽمينٽس جا ڌار ڌار فرسٽ ڪلاس ٽورنامينٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن تھ ٽورنامينٽ ۾ ريجنز ۽ ڊپارٽمينٽ جون 8،8 ٽيمون حصو وٺنديون، جنهن جي شروعات 10 سيپٽمبر کان ٿيندي. پي سي بي جي بيان موجب ٽورنامينٽ جي شروعات قائداعظم ٽرافي سان 10 سيپٽمبر کان ٿيندي، بعد ۾ 15 آگسٽ کان پريزيڊنٽ ٽرافي جي شروعات رٿي وئي آهي، ٻنهي ٽورنامينٽس ۾ ڊپارٽمينٽل ٽيمون حصو وٺنديون. پي سي بي واضع ڪيو آهي تھ ٻئي ٽورنامينٽس سنگل ليگ جي بنياد تي هونديون، جن جي ٽيبل پوائينٽس تي ٽاپ ٻھ ٽيمون فائنل کيڏنديون.

ڊوميسٽڪ سيزن جو جاري ڪيل شيڊول

ياد رهي تھ وزيراعظم پي سي بي جو 2014ع وارو آئين بحال ڪري چڪو آهي، حنيف محمد ٽرافي گريڊ 2 جي 4 ڏينهن واري ٽورنامينٽ ۽ قائداعظم ٽرافي لاءِ 18 ريجنل ٽيمن جي چونڊ 19-2018ع جي سيزن جي عمل ۾ آيو آهي، جتان ئي ڊوميسٽڪ ڍانچي جي شروعات ٿيندي. ٻئي ٽورنامينٽس هڪ ئي وقت ٿينديون، ايبٽ آباد، لاهور، راوالپنڊي قائداعظم ٽرافي جا ميزبان ٿيندا، فيصل آباد، اسلام آباد ۽ ملتان ۾ حنيف محمد ٽرافي جا ميچز کيڏيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button