پاڪستان هاڪي فيڊريشن جا سمورا آفيشلز معطل ڪري ملڪ جي سڀني ڪلبز جي اسڪروٽني ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت ايشين گيمز ۽ ان جي ٽيم مينيجمينٽ کي پاسيرو رکي باقي سمورن آفيشلز کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي. نوٽفيڪشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ پي ايڇ ايف جا سمورا آفيشلز معطل ڪيا ويا آهن، جڏهن تھ فيڊريشن جي سمورن ڪمن کي روڪيو ويو آهي، رڳو سليڪشن ڪاميٽي ڪم جاري رکي سگهندي. جڏهن تھ ايشين گيمز ۽ ٽيم مينجيمينٽ پڻ ڪم ڪندي رهندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ اسپورٽس بورڊ جي نگراني ۾ سڄي ملڪ جي هاڪي ڪلبز اسڪروٽني ۽ اليڪشن بعد فيڊريشن جي چونڊ ٿيندي. ياد رهي تھ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي جوڙيل خصوصي ڪاميٽي هاڪي معاملن تي پنهنجي رپورٽ تيار ڪئي هئي ۽ انهن سفارشون پڻ منظور ڪيون هيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close