رانديون

قومي ڪرڪيٽرن پي سي بي کان آئي سي سي آمدني مان حصو گهري ورتو

قومي ٽيم جي ڪرڪيٽرن سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ پي سي بي کان آئي سي سي جي ايونٽس جي آمدني مان حصو گهري ورتو آهي. ميڊيا مطابق ذريعن جو چوڻ آهي تھ سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ ڪرڪيٽرن جي مطالبي وارا ڪجهه معاملا اڃا تائين شامل نھ ٿي سگهيا، پر اڪثر معاملا حل ٿي ويا آهن. ذريعن اها پڻ دعوا ڪئي تھ ڪرڪيٽرن آئي سي سي ايونٽس مان حصو ۽ نان فنجيبل ٽوڪن يعني ڪمرشل ڪمائي مان حصو پڻ گهريو آهي. ذريعن اهو پڻ ٻڌايو تھ پي سي بي ۽ رانديگرن ۾ ڳالهين جو سلسلو جلد ٿيندو، ڇاڪاڻ تھ هن وقت رانديگر ۽ پي سي بي آفيشلز هڪ هنڌ تي موجود آهن، ان کان اڳ ڊائريڪٽر انٽرنيشنل عثمان واهلا سريلنڪا ۾ موجود آهي ۽ رانديگر مختلف ملڪن ۾ ليگز کيڏڻ ۾ مصروف هئا. هوڏانهن پي سي بي جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تھ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ايندڙ هفتي ٿي ويندو، جڏهن تھ پي سي بي ۽ رانديگرن ۾ اختلاف ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button