پاڪستان جي باڪسر شهير آفريدي باڪسنگ جو هڪ ٻيو عالمي مقابلو کٽي ورتو آهي. ميڊيا مطابق سنڌ پوليس جي اسپيشل ريپڊ فورس ڪمانڊو ٿائي باڪسر آڊومرٽ کي شڪست ڏني آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ شهير آفريدي مڊل ويٽ ڪيٽيگري ۾ ٻھ ڀيرا ايشين ٽائيٽل کٽي صلاحيتون مڃرايون آهن، هوڏانهن شهير آفريدي جي ٻي فائيٽ 24 سيپٽمبر تي بينڪاڪ ۾ ئي ٿيندي. ياد رهي تھ شهير آفريدي سنڌ پوليس سان تعلق رکي ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close