ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي مسئلن جو غيرسياسي حل

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي دي ايم) ٻه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ جلسو ڪيو آهي. پي ڊي ايم جو وجود عمران خان نيازي جي حڪومت مان جان ڇڏائڻ لا ٿيو هو ته جيئن کيس گهر ڀيرو ڪري ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرايون وڃن يا گهٽ ۾ گهٽ عمران خان نيازي مان جان ڇڏائي وڃي. پر اهو اتحاد پنهنجي ئي تڪرارن جي ور چڙهي ڪا سياسي هلچل پيدا ڪرڻ کان اڳ ۾ ڊهي پيو. ظاهر آهي ان کي ڊاهڻ ۾ مک ڪردار آصف زرداري جو هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين “ڪمپني بهادر” ڏانهن واجهائي رهيو آهي ته کيس اقتدار ۾ ڪو حصو پتي ملي وڃي. هن نه رڳو پي ڊي ايم جهڙي هڪ اهم ترين اتحاد کي ديوار سان لڳائي ڇڏيو پر سندس ان فيصلي کان پو پي ٽي آ حڪومت پارليامينٽ ۾ پنهنجون من مستيون ڪرڻ لا وڌيڪ دلير ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته ان جو اپوزيشن جماعتن جو پاڻي ڪڇيل هو. جنهن جي نتيجي ۾ سندس حڪومت کي ڪو لهر نڪي لوڏو آيو. جڏهن اپوزيشن جماعتن ۾ ڏڦيڙ هجي ته پو ڪا حڪومت ڪيتري به ڪمزور هجي ۽ اها هڪ سيٽ تي ئي ڇو نه بيٺل هجي پر تڏهن به اها طاقتور هوندي آهي.
عمران خان نيازي کي سندس حڪومت لا سڀ کان وڏي سپورٽ اڳوڻي ڊي جي آ ايس آ جنرل فيص حميد پاران ملندي رهي. جنهن نه رڳو هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي پر هن وقت تائين جيڪي ڪجهه عمران خان نيازي جي حڪومت ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، ان ۾ جنرل فيص حميد جو ئي ڪمال آهي. اسيمبلي ۽ سينيٽ مان بل پاس ڪرائڻا هجن يا وري سينيٽ چيئرمين خلاف عدم اعتماد کي ناڪام بڻائڻو هجي، ان ۾ اهم ترين ڪردار جنرل فيض حميد جو ئي رهيو آهي. ڪجهه وقت کان نواز ليگ جنرل فيض حميد کي عدالتن ۾ پيش ٿيو جو مطالبو ڪري رهي آهي. جڏهن کان اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي آڊيو ٽيپ ظاهر ٿي آهي، ان کان پو ته سياسي ماحول ۾ نه رڳو گرمي آئي آهي پر چيف جسٽس جي ڪردار ۽ عدليه جي ڪارڪردگي تي به ڪئين سوال اٿي ويا آهن. چيو پيو وڃي ته ايندڙ وقت ۾ ان کان پو وڌيڪ خطرناڪ آڊيو ۽ وڊيو ٽيپ جاري ٿيڻ واريون آهن. ان ڳالهه جي تصديق ناليواري صحافي احمد نوراني به ڪري چڪو آهي. هي حڪومت نه رڳو اظهار جي آزادي جي نڙي تي ننهن ڏئي رهي آهي پر ڪوبه سچ ٻڌڻ لا تيار ناهي. ان ڪري جيترو دفاع اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار پنهنجي منهن ڪونه پيو ڪري. ان کان وڌيڪ عمران نيازي ۽ ڪمپني ڪري رهي آهي.
پي ڊي ايم پنهنجي منهن اڃا به لڳي پئي آهي پر اها پاڻ وکريل حالت ۾ آهي. اڳيان هلي ان سان پيپلز پارٽي گڏجي ٿي ته پي ڊي ايم کي پيپلز پارٽي پاران هڪ ٻئي دوکي لا به تيار رهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي اتحادين سان دوکو ڪرڻ ۾ دير نه ڪندي آهي. پي ڊي ايم جي تازي جلسي ۾ به گهڻي ڀاڱي ساڳيون ڳالهيون ڪيون ويون آهن.
لاڙڪاڻي ۾ جميعت علماءِ اسلام طرفان شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۾ شهر جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ ڪوٺايل شهيد اسلام قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ۽ جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان خطاب ڪندي چيو آهي ته اسان ان ڳالهه تي به يقين رکون ٿا ته جتي پاڪستان دنيا جي نقشي تي هڪ رياست جي حيثيت رکي ٿو، اتي پاڪستان جي اندر صوبا به پنهنجي مستقل سڃاڻپ رکن ٿا، هر صوبي ۾ رهندڙ ماڻهو پنهنجي وسيلن جو مالڪ آهي، جيڪڏهن سنڌ آهي ته سنڌ جي سرزمين تي سنڌ جي وسيلن جا مالڪ سنڌي آهن. جيڪڏهن بلوچستان آهي ته بلوچستان جي وسيلن تي بلوچستان جي ماڻهن جو حق آهي. اهڙي ريت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي تي به اتان جي ماڻهن جو حق آهي ۽ ڪو به ماءُ جو پٽ انهن جي حقن تي ڌاڙو هڻي نه ٿو سگهي. هن چيو ته مون هڪ جلسي ۾ سنڌ جي ٻيٽن ۽ بلوچستان جي ٻيٽن جي ڳالهه ڪئي هئي پر آئون اڄ به چوان ٿو ته ٻيٽن تي انهن صوبن جي ماڻهن جو حق آهي ۽ انهن تي ڪير به ڌاڙو هڻي نه ٿو سگهي. هن چيو ته اڄ پاڪستان جي نه صرف آزادي کسي پئي وڃي پر پاڪستان جي بقا تي به سوال اٿي رهيو آهي، پاڪستان جو سڀ کان وڏي مالياتي اداري اسٽيٽ بئنڪ لاءِ موجوده حڪومت جي جعلي ڪابينا جيڪا منظوري ڏني آهي ته ان کي آءِ ايم ايف سان ڳنڍيو وڃي، جنهن کان پوءِ اسٽيٽ بئنڪ حڪومت يا رياست جي آڏو جوابده نه هوندي پر اها غلطي سلطنت عثمانيه ڪئي هئي، اهو سڄو ڪجهه اڄ پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي ۽ هي پاڪستان جي بقاُ کي دا تي لڳائي رهيا آهن. هن چيو ته هن وقت پاڪستان جي معيشت جي ٻيڙي ٻڏي پئي آهي، ماڻهو سمجهن پيا ته رياستن جي بقا جو دارومدار دفاعي قوت تي آهي پر آئون هڪ شاگرد جي حيثيت سان چوان ٿو ته رياست جي بقا جو دارومدار معيشت تي آهي. اسان جي پاڙيسري هندوستان، بنگلاديش، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي، چين جي معيشت اڄ آمريڪا جي مقابلي ۾ آسمان تي پهتل آهي ۽ ايران جي معيشت به ترقي پئي ڪري پر هن خطي جي اندر اڪيلو پاڪستان ئي رهيو آهي، جنهن جي سالاني قومي پيداوار جي لاڳت ٻڙي کان به هيٺ آهي. اهڙا ماڻهو جڏهن ناجائز رستي سان آندا ويندا آهن ته پوءِ آئون وڏي واڪي چوان ٿو ته تاريخ جي صفحن تي هي لفظ چوندس ته پاڪستان جا اهي ادارا جيڪي پاڪستان جي محافظ بڻجڻ جا دعويدار آهن، جن جي ڊيوٽي ۽ ذميواري وطن عزيز جي حفاّظت آهي پر جيڪڏهن اهي ڌانڌلين ذريعي اهڙن حڪمرانن کي ملڪ جي اقتدار تي ويهاريندا آهن ته پوءِ پاڪستان جي تباهي جو ذميوار هڪ عمران خان نه پر ان کان وڌيڪ ذميوار عمران خان کي آڻڻ وارا آهن، اسان کي شين کي ٺيڪ ڪرڻو آهي. پي ڊي ايم جي جنرل سيڪريٽري، ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جو هر ماڻهو مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جي ڪري پريشان آهي، انهن جي پريشاني هڪ جواب گهري ٿي ۽ ان جو جواب توڙي حل رڳو پي ڊي ايم ۾ آهي.
پي ڊي ايم هن وقت هڪ اهڙو اتحاد پيو نظر اچي جيڪو يتيم ٿي چڪو آهي، جنهن عمران خان نيازي خلاف واويلا ته گهڻي ڪئي پر اهو اتحاد ڪجهه به ڪري نه سگهيو آهي. عمران خان نيازي اڄ به وزير اعظم طور موجود آهي. جيتوڻيڪ هو هڪ هائبرڊ جمهوري نظام جو مهرو آهي پر في الحال هو پي ڊي ايم کان زور لڳو پيو آهي. ان جو سبب اسٽيبلشمينٽ جو آشيرواد آهي ۽ ٻيو پي ڊي ايم جون پنهنجون ڪمزوريون آهن. جنهن جي ڪري هن جي بدترين حڪومت به اڃا هلي رهي آهي ۽ عوام جو رت چوسي رهي آهي.
2018ع واريون چونڊون ڪيڏو وڏو فراڊ هيون، اهي سڀ معاملا هاڻي آهستي آهستي ظاهر ٿي رهيا آهن. ان کانسوا جيڪي جيڪي ڪردار انهن چونڊن جي فراڊ ۾ شامل رهيا آهن، اهي به ظاهر ٿيڻا آهن، جن مان ثاقب نثار به هڪ هو. هڪ چونڊيل وزير اعظم کي سندس عهدي تان هٽائي نئون هائبرڊ نظام آهي، جهڙي ريت عوام ۽ سياسي پارٽين سان دوکو ڪيو ويو آهي، ان جو مثال ورلي ئي ملندو. جيڪڏهن اپوزيشن پارٽيون عمران خان نيازي مان واقعي به جند ڇڏائڻ چاهين ٿيون ته انهن کي پنهنجون صفون ته صحيح ڪرڻيون پونديون پر پنهنجون نيتون به صاف رکڻيون پونديون.
ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن ڪجهه ٻيون آڊيو ۽ وڊيو ٽيپ ظاهر ٿين ٿيون ته هاڻوڪو هائبرڊ نظام سڄي دنيا لا وڌيڪ وائکو ٿي ويندو. تنهنڪري سياسي مسئلن جو حل ڪنهن نئين ايڊوينچر ڪرڻ بدران سياست وسيلي سوچڻ ۾ آهي. سياست سان مسئلا حل ٿيندا ۽ سياست وسيلي ئي معاشي توڙي ملڪي مسئلن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. ان ڪري هن وقت تائين جيڪا به سياسي مداخلت ٿيندي رهي آهي، ان جي رستا روڪ ڪرڻ ضروري آهي. اها رستا روڪ تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن ملڪ جون سياسي پارٽيون “ڪمپني بهادر” جي ڪلهن تي چڙهي اقتدار ماڻڻ بدران پنهنجي ٻل تي و

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button