ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڪستان جو اقتصادي بحران

Editorial-Article-Naseem Zahra

نسيم زهره
بيلنس آف پيمنٽس ۾ پاڪستان جي روانگي، ان جي جي ڊي پي جي 9 سيڪڙو هجي ۽ درآمد 25 سيڪڙو هجي، ڊالر جي کوٽ هجي، پر امپورٽ پاليسي اهڙي هجي جو اقتصادي ماهر ثاقب شيراني موجب گذريل ٽن سالن ۾ پاڪستان کي ڏهه ارب ڊالر جي ٽيلي فون ۽ قيمتي گاڏيون امپورٽ ڪرڻ جي ڇوٽ هجي، ته اهو سڀ تبديل ڪرڻو پوندو.
اهي ڳالهيون شايد صحيح به هجن پر حالتن جي عڪاسي تڏهن ئي ٿيندي آهي، جڏهن حقيقتون پوريون بيان ڪيون وڃن. اڃا ٽي ڏينهن اڳ ئي پاڪستان جي خزاني واري صلاحڪار شوڪت ترين فرمايو آهي ته مهانگي جي شرح ضرور وڌي آهي پر ورلڊ بينڪ موجب پاڪستان ۾ غربت ۾ هڪ ڏهائي جي گهٽتائي آئي آهي.
اڄ هڪ عام شهري لا ۽ اڄ جي سياسي ٻوڏ ۾ ڦاٿل پاڪستان لا وڌندڙ مهانگائي کان وڌيڪ شايد ڪو ٻيو معاملو هجي. کنڊ، اٽو، ٽماٽو، بجلي، گيس ۽ پيٽرول بس نالو کڻو ڪنهن به شي جيڪا پاڪستاني روزمره جي بنياد تي استعمال ڪندڙ آهي ته زندگي جو سڀ کان وڏو بار اقتصادي نظر اچي ٿو.
20 هزار روپين ۾ ڇهه کان اٺ گهر ڀاتين جي خاندان جي بجيٽ ڪيئن ٺاهي، حڪومت ڪري ته ڇا ڪري. هاڻ ته آ ايم ايف سان به جن شرطن جو اعلان 22 نومبر تي شوڪت ترين صاحب ڪيو هو، ان کان پو مهانگائي وڌندي نظر اچي رهي آهي.
ان کانسوا ڪنهن معجزي تحت عالمي سطح تي تيل گيس وغيره جي قيمتين گهٽتائي ٿي آهي. ها اهو ضرور ٿي آهي پر بدقسمتي سان ڪورونا سان واڳيل هڪ خوفناڪ صورتحال جي ڪري عالمي سطح تي تيل جون قيمتون 18 مهينن ۾ ڏهه سيڪڙو ڪريون آهن.
شوڪت ترين صاحب ترت ئي اعلان به ڪري ڇڏيو ته ڪرندڙ قيمت جو فائدو عوام کي ڏنو ويندو. حڪومت هونئن به پيٽرول تي هر قسم جو ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي ايندي. پر اهو معاملو ڪجهه عجيب آهي ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي ته حڪومت اعلان ڪيو آهي ته آ ايم ايف سان اهو طئي ٿيو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 4 روپيا في ليٽر واڌ ٿئي ته اها واڌ بهرحال ٿيڻي آهي ۽ پيٽرول جي قيمت جيڪڏهن عالمي سطح تي ڪنهن سبب جي ڪري ڪنهن به سبب جي ڪري گهٽ ٿئي ٿي ته پاڪستان کي ضرور فائدو ٿيندو.
پر هن وقت جون حالتون ڪجهه مختلف آهن. هڪدم ڏکڻ آفريڪا ۾ هڪ بنهه خطرناڪ ۽ تيزي سان پکڙندڙ ڪورونا وائرس جو ويرئنٽ دريافت ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان به پنجن ملڪن مان هر قسم جس اچ وڃ روڪي ڇڏي آهي. اهو معاملو سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن تائين پکڙيو آهي. يعني اچ وڃ تي سخت پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ خاص طور يورپ جا ڪيترائي ملڪ شامل آهن.
نتيجو اهو ٿيو، ايئر لائين انڊسٽري ۽ ان سان لاڳاپيل سمورين انڊسٽرين اهو طئي ڪيو آهي ته شايد واپار وري ڍرو ٿيڻ وارو آهي. دنيا ۾ هوائي سفر هاڻ هڪ ڀيرو وري گهٽ ٿيندو، جنهن جي ڪري پيٽرول جي کپت ۾ ڪمي ٿيندي ته پو ائين تيل جون قيمتون به گهٽجي وينديون.
هاڻي اهڙي ريت جي اگهن جي گهٽتائي تي ويهي رهڻ ناداني آهي. ڪورونا رڳو پيٽرول جي اگهه ۾ گهٽتائي آڻي ٿو، ته جيئن دنيا ۾ پهرين ڏٺو ويو ته ڪووڊ وڌيڪ پکڙيو ته اقتصاديات جو ڪم ئي لهي سگهي ٿو.
پاڪستان کي تيل جي قيمت نه بلڪه اقتصاديات سان لاڳاپيل سمورن محرڪن جو جائزو وٺڻ گهرجي. يقينن مهانگائي ته پاڪستان اڳ به ڏٺي آهي پر ايتري تيزي سان گهڻا معاملا بگڙندي شايد ماضي ۾ نه ڏٺا هجن. ان وقت دنيا جا پاڪستان تي گهٽ دٻا هئا، دوست ۽ قدردان وڌيڪ هئا، اسين ٻين ملڪن جي جنگين ۾ سڌي ۽ اڻ سڌي ريت شامل ٿي ڪجهه معاشي فائدو وٺندا هئاسين. جنهن جي ڪري عالمي اقتصادي ادارا اسان سان نرمي سان پيش ايندا هئا ۽ ملڪ اندر به اقتصاديات ڪڏهن به حڪومت لا بظاهر سياسي خطري جو سبب نه ٿي.
ان نئين آ ايم ايف معاهدي سان لاڳاپيل ٻيا به سنگين معاملا آهن. پاڪستان انڊسٽري کي يقينن نقصان ٿيندا. مثال طور بجلي جي قيمت کي وڌائڻو پوندو، سيلز ٽيڪس به لڳائڻو پوندو. تقريبن، ٽي ارب روپين جي ٽيڪس ڇوٽ جيڪا صنعتڪارن وغيره کي ڏنل هئي اها به حڪومت واپس وٺندي. اهي اپا يقينن صنعتي ترقي ۾ ڪمي آڻيندا. جنهن سان بيروزگاري وڌندي ۽ عوام توڙي سرمائيڪار ٻنهي لا حالتون خراب ٿينديون.
مهانگائي ته وڌندي نظر اچي رهي آهي پر ان سان گڏوگڏ حڪومت تي هڪ پاسي عوام جي رڙين ۽ ٻئي پاسي سياسي پارٽين جو دٻا به موجود آهي. يقينن عمران خان 1 ڏهائي 3 کرب غريبن لا رکيا آهن ته جيئن اهي مهانگائي جي طوفان ۾ نه لڙهي وڃن. پر ايندڙ وقت ۾ مهنگائي بظاهر وڌندي نظر اچي رهي آهي. ان کانسوا گيس جهڙي اهم اسم جي جڏهن کوٽ ٿيندي جنهن جو اعلان وزيراعظم پاڻ ڪري چڪو آهي ته پو صنعتڪار جو ڪم ٺپ ٿي ويندو جنهن جو نتيجو مزدور کي ڀوڳڻو پوندو، شايد ڪجهه عرصي لا بيروزگاري وڌندي ۽ پاڪستان جو اقتصادي بحران هاڻي صفا ڏينهن وانگر چٽو آهي.
جڏهن هاڻوڪي خزاني واري صلاحڪار شوڪت ترين اپريل واري مهيني ۾ پنهنجو عهدو سنڀاليو هو ته آ ايم ايف جي معاملن تي نظر وڌي ته پراميد هو. هن جو خيال هو ته آ ايم ايف پاڪستان جي اقتصادي سڌارن کان متاثر ٿي پاڪستان جو ساٿ ڏيندو. هن جو خيال هو ته جي ڊي پي ۾ واڌ ٿيندي. ٽيڪس گڏ ڪرڻ جا سڀئي هدف پورا ڪرڻ ۽ حڪومت جي آمدني وڌائڻ جو سبب ٿيندا. پر ان سان گڏ مهانگائي جي پسمنظر، عوام تي وڌندڙ بار ۽ وڌندڙ حڪومتي پريشاني جي نتيجي ۾ آ ايم ايف ۽ سان لاڳاپيل ورلڊ بينڪ ۽ ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ ۽ ان اڳ حفيظ شيخ جي ڪجهه وعدن تي جن ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ ڪجهه سبسڊي وغيره شامل هئي. ان تي نظرثاني ڪرڻ لا راضي ٿيندا.
شوڪت ترين خزاني واري پارلياماني ڪميٽي ۾ کلي اقتصادي پاليسي تي تنقيد ڪئي. وياج جي شرح ۾ واڌ، مهانگائي جي وڌندڙ لاڙي، روپيي جي ڪرندڙ قدر ۾ 35 سيڪڙو تائين گهٽتائي ۽ پو آ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه جنهن کانپو ست سئو ارب جا ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي ويندي ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ شامل آهي. بهرحال پاڪستاني تاريخ جي ڊگهي ترين ۽ سخت ترين آ ايم ايف ڳالهيون پڄاڻي تي پهتيون آهن ۽ نومبر 22 تي شوڪت ترين صاحب ڪجهه نئين ڪجهه پراڻي ڪجهه سخت اپائن تي آ ايم ايف جو ساٿ ڏنو جنهن جي ڪري آ ايم ايف پاڪستان کي جنوري ۾ هڪ ارب ڊالر ادا ڪندو.
يقينن ان سان پاڪستان جا پراڻا سنگين اقتصادي معاملا حل ڪونه ٿيندا. ڪئين آ ايم ايف پيڪيج آيا ۽ استعمال ٿيا، پر نه ته پرائيوٽائيزيشن ٿي سگهي ۽ نه توانائي سڌارا، نه ٽيڪس نيٽ وڌيو ۽ نه ئي حڪومتي خرچن ۾ ڪا ڪمي ٿي، نه ٽيڪس چور پڪڙيا ويا ۽ نه ئي حڪومت مان ڪرپشن ختم ٿي. مثال طور حڪومت جي ڪووڊ خرچن تي 40 ارب رويين جي حوالي سان آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پاران سوال ٿي رهيا آهن.
اقتصادي معاملن تي هاڻ ته يقينن پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين ۽ صنعتڪارن کي معيشت جي ڌارا ۾ شامل ڪري اسٽيڪ هولڊر ٿيڻ لازمي آهي.
يقينن هاڻوڪي حڪومت اقتصادي سڌارا ڪري رهي آهي پر معاملو هاڻ به سموري پارليامينٽ سان گڏ کڻي هلڻ سان حل ٿي سگهي. توهان اپوزيشن کي ديوار سان لڳائيندا ته مهانگائي جو ماريل عوام اپوزيشن سان گڏ بيٺل نظر ايندو. راند پو به سياسي آهي. اسان جي ملڪ کي ترت ۽ سنجيدگي سان اقتصادي بحران مان نه ڪڍيو ويو ته ملڪ ڏڦيڙ ۽ بحران جو لازمي شڪار ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button