شوبز

ڪترينا ۽ وڪي جي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ مهمان پڄي ويا

بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل جي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ جي حوالي سان مهمان جئپور ۾ شادي واري جڳهه تي پهچي ويا آهن. ميڊيا مطابق هن وقت تائين روينا ٽنڊن، فلم ميڪر ڪبير خان جون تصويرون ۽ نالا سامهون اچي ويا آهن. جڏهن تھ ٻيا اداڪار، اداڪارائون ۽ فلمي شخصيتون بھ ڪاڄ ۾ پهتل آهن. ٻئي پاسي ڪترينا ڪيف جي گهرڀاتين مان ڪترينا جي امڙ، ڀينرون ازابيل ۽ نتاشا ٽرڪواٽ ۽ ڀائر بھ جئپور پهچي ويا آهن. ڪترينا پاڻ اڳ ئي جئپور پهچي، چڪي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ڪاڄ ۾ رنبير ڪپور تي فلمايل گانا هلائڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button