ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ڊي ايم: نه سڄڻ کي آسرو نه دشمن کي ڀئو

Editorial

پي ڊي ايم ٺهڻ کان وٺي هيستائين اهو اتحاد رڳو گڏجاڻيون ڪري ڪنهن ايجنڊا تي متفق ٿيڻ بنا ئي پنهنجن ٻين ڪم ۾ لڳي ويندو آهي. هن وقت تائين جيڪي به اجلاس پي ڊي ايم جا ٿيا آهن، انهن جو ڪو بهتر نتيجو نه نڪري سگهيو آهي. پي ڊي ايم جو اهم ترين ڪم هن حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ هو پر گذريل ٻن سالن کان پي ڊي ايم حڪومت لا ڪنهن به ريت پريشاني جو سبب نه ٿي سگهي آهي بلڪه پي ڊي ايم پاڻ پريشان ٿي وئي آهي. پيپلز پارٽي هونئن ته پي ڊي ايم کان پاسيري آهي پر اها ان خلاف به ڳالهائيندي رهندي آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي اتحاد هاڻ گهڻو سگهارو نه رهيو آهي پر ڇا پي ڊي ايم کي اهو اندازو ناهي ته سندس اهڙي سياسي ڪمزوري جي ڪري حڪومت کي گهڻو وقت ملي رهيو آهي ۽ اها سمجهي رهي آهي ته پي ڊي ايم کي حڪومت گوڏا کوڙائڻ تي مجبور ڪري وڌو آهي. هڪ ڀيرو وري ڪالهه پي ڊي ايم جو اجلاس ڪوٺايو ويو آهي. جنهن ۾ به ڪو خاص اتفاق نه ٿيو آهي بس اهو طئي ڪيو ويو آهي ته حڪومت خلاف مارچ ڪيو ويندو.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب مولانا فضل الرحمان جي سربراهي اجلاس ۾ پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، لانگ مارچ کي مهانگائي مارچ جو نالو ڏنو ويو آهي. ذريعن موجب لانگ مارچ 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ پهچندو، جتي 25 مارچ تائين اسلام آباد ۾ ترسيو ويندو. پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ پارليامينٽ تان فوري طور گڏيل استعيفائن تي اتفاق نه ٿي سگهيو. مارچ جي مهيني ۾ رٿيل مارچ ڪهڙو ٻوٽو ٻاريندو ۽ ان وقت تائين پي ڊي ايم ۾ ڪهڙيون پارٽيون رهنديون ۽ ڪهڙيو نه رهنديون، اهو هڪ اهم سوال آهي. جيڪڏهن پي ڊي ايم واقعي به حڪومت خلاف احتجاج ڪرڻ ۾ سنجيده هجي ها ته هن وقت تائين گهڻو ڪري پئي سگهيو پر پي ڊي ايم رڳو پنهنجن ئي اختلافن جو شڪار رهيو آهي. جنهن جي ڪري حڪومت کي ڪوبه لوڏو لهر ناهي. جيڪڏهن پي ڊي ايم جو ڪم رڳو حڪومت وانگر عوام کي آسرن ۾ رکڻو آهي ته پو ان اتحاد جو ڪوبه فائدو عوام کي نه ٿي سگهندو.
اسين سمجهون ٿا ته پي ڊي ايم کي پنهنجون صفون درست ڪرڻ گهرجن. لانگ مارچ جو تجربو اڳ ۾ به ٿي چڪو آهي. ان کانسوا عدم اعتماد جي تحريڪ جو تجربو به ڪيو ويو پر هر پاسي کان ناڪامي نصيب ٿي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام جي حقيقي مسئلن بابت حڪومت جو گهيرو تنگ ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي اهو احساس ٿئي ته پي ڊي ايم واقعي به عوام لا ڪم ڪري رهيو آهي. هن وقت ته پي ڊي ايم جي حالت اهڙي آهي، جنهن کي ڏسي سنڌي جي اها چوڻي ياد اچي ته نه سڄڻ کي آسرو نه دشمن کي ڀئو.

ڪراچي ۾ تشدد جو شڪار نرسون ۽ ڊاڪٽر
سنڌ توڙي ملڪ ۾ ملازم طبقو يا ڪنهن به شعبي سان واڳيل ماڻهو پنهنجن مطالبن جي مڃتا لا احتجاج ڪندا رهندا آهن. پر گهڻو ڪري احتجاج جي نتيجي ۾ کين تشدد کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. لٺيون، واٽر ڪينن توڙي تشدد جا ٻيا طريقا اختيار ڪري انهن کي ٽڙپکڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي پر حڪومت ڪڏهن به انهن سان بنا تشدد جي ڳالهيون نه ڪندي آهي. سنڌ حڪومت جي اها روايت رهي آهي ته اها ڪڏهن به پرامن احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون نه ڪندي آهي، نه انهن جي مطالبن کي ٻڌو ويندو آهي ۽ نه ئي وري ڳالهين جا در کوليا ويندا آهن. بس تشدد جي واٽ وٺي مظاهرو ڪندڙن کي پريشان ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته ڪوبه پرامن احتجاج ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندو آهي ته ماڻهو حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا، پنهنجا مطالبا ٻڌائي ان جو ڪو حل ڪڍڻ چاهين ٿا.
سنڌ ۾ ينگ نرسز ۽ ڊاڪٽرن جو وڏي وقت تائين مطالبن جي مڃتا لا احتجاج هلي رهيو آهي، جيڪو وقفي وقفي سان ٿيندو رهندو آهي. پر هن وقت تائين نه ته انهن جي مطالبن ٻڌو ويو آهي ۽ نه ئي ڳالهيون ڪيون ويون آهن، بلڪه جڏهن به اهي ڊاڪٽر ۽ نرسون احتجاج جو رستو اختيار ڪندا آهن ته انهن تي تشدد ڪيو ويندو آهي. هن ڀيري به سنڌ حڪومت پنهنجي پراڻي روايت برقرار رکندي تشدد جي واٽ ئي ورتي آهي. ڪالهوڪي آيل خبر موجب ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ نرسن ۽ ينگ ڊاڪٽرن تي پوليس ڪڙڪي پئي. نرسن کي وزير اعليٰ هائوس وڃڻ کان روڪڻ تي مظاهرو ڪندڙن ۽ اهلڪارن ۾ چڪريون ٿيون، پوليس جي لٺبازي ۾ ڪجهه مظاهرو ڪندڙ بيهوش ٿي ويا. اهلڪار ڪيترن ئي مظاهرو ڪندڙن کي کنڀي ويا، پوليس جي تشدد دوران به نرسن طرفان پنهنجي مطالبن جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي. حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ينگ نرسن توڙي ڊاڪٽرن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو، سرڪاري اسپتالن ۾ او پي ڊيز جي بائيڪاٽ سبب علاج ۽ دوا لاءِ پهتل مريض پريشاني کي منهن ڏيندا رهيا. ينگ نرسن ۽ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته حڪومت پروموشن پاليسي تي سنجيدگي سان عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ڪانٽريٽ تي ڀرتي ٿيل ڊاڪٽرن ۽ نرسن کي پڪو نٿو ڪيو وڃي، هيلٿ الائونس به منظور ٿيڻ باوجود ناهي مليو، سروس اسٽرڪچر جي بحالي، هيلٿ پروفيشنل ۽ ڪورونا الائونس ملڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو.
اسين سمجهون ٿا ته عورتن تي احتجاج ڪرڻ نه رڳو غير انساني پر غير اخلاقي عمل پڻ آهي، تنهنڪري حڪومت کي اهڙي اپا کان پرهيز ڪرڻ گهرجي ها. پر جيئن ته حڪومت هر حوالي سان تشدد کي مسئلي جو حل سمجهي ٿي تنهنڪري اها هن ڀيري به ائين ڪري رهي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته احتجاج ڪندڙن جي مطالبن کي ٻڌو وڃي، انهن کي حل ڪرڻ لا ڪو رستو ڳوليو وڃي. ڇاڪاڻ ته تشدد سان اهو مسئلو حل نه ٿيندو بلڪه اهي وري به احتجاج ڪري پنهنجا مطالبا مڃرائڻ لا رستن تي هوندا. تنهنڪري حڪومت صبر کان ڪم وٺي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button