ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڪستان پريشان ڇو آهي؟

Editorial-Article-Ajaz Mangi

سريلنڪا جو معصوم شهري سيالڪوٽ ۾ جنهن بي رحميءَ سان قتل ڪيو ويو، تنهنجي جليل جسم جي باقيات هن جي ملڪ موڪلي وئي آهي. جڏهن ته پاڪستان هن وقت تائين ان واقعي جي صدمي مان ٻاهر اچي نه سگهيو آهي. ان صدمي جو سبب اهو ناهي ته حڪومت جي دل ۾ حساسيت جو سمنڊ ڇوليون هڻي ٿو. هڪ ته حڪومتن ۾ حساسيت نه هوندي آهي ۽ اسان جي ملڪ جي حڪومتن ۾ ته اهو گڻ منڍ کان وٺي موجود نه رهيو آهي. هن ملڪ جو عوام اها به دعويٰ ڪري رهيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت بيحس هجڻ جي حوالي سان اڳوڻين حڪومتن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. ملڪ کي مسلسل مهانگائيءَ جي باهه ۾ ساڙيندڙ سرڪار لاءِ اهو ڪيئن چئون ته اها انساني حقن جي سلسلي ۾ حساس آهي. جيڪا حڪومت اظهار جي آزاديءَ کي تسليم ڪرڻ بدران ملڪي ميڊيا جو ڳلو ٻنهي هٿن سان دٻائيندي هجي، ان جي باري ۾ ان قسم جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ۾ سئو ڀيرا سوچڻو ٿو پوي. سو! سيالڪوٽ ۾ سريلنڪا جي شهريءَ کي جهڙي ريت ماري باهه جي شعلن ۾ ساڙيو ويو، ان جو انساني تئه هن حڪومت جي پاسي مان به مشڪل گذريو هجي پر پاڪستان جو عالمي اميج ان واقعي سبب جيترو وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، ان جي پريشاني پاڪستان جي رياست ۽ حڪومت جو مقدر بڻجي وئي آهي.

هر ملڪي حڪومت جيان اسان جي موجوده سرڪار به عالمي برادريءَ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ته هاڻي ملڪ سرمائيڪاريءَ جي سلسلي ۾ صفا محفوظ آهي پر جڏهن هڪ فيڪٽريءَ جي غيرملڪي مينيجر تي الزام هڻي هن کي سرعام ساڙيو وڃي ته ان سچيوئيشن ۾ ڪنهن کي همت ٿيندي ته هو اچي پاڪستان ۾ پنهنجو سرمايو سيڙائي. اهڙا واقعا ته غيرملڪي سرمائيدارن کي ٽاهه ڏيارڻ جي لاءِ مثالي حيثيت رکن ٿا. ۽ اهڙا مثال مهينن تائين نه پر سالن تائين ياد رکيا ويندا آهن. سيالڪوٽ واقعي جي حوالي سان حڪومت جي سربراهه عمران خان جيڪو ابتدائي ٽوئيٽ جاري ڪيو هو، ان ۾ واقعي واري ڏينهن کي پاڪستان جي تاريخ ۾ شرمناڪ ڏينهن قرار ڏنو هو. جڏهن ته اسان پنهنجي ملڪ جي ماضيءَ جي ڀيٽ هن حال سان ڪرڻ مشڪل ٿا سمجهون. ڇو ته ان قسم جا واقعا اڳ به ٿيا آهن. ان قسم جا واقعا نه صرف اڳ ۾ ٿيا آهن پر انهن واقعن جي شدت جو تقابلي جائزو وٺڻ به تمام گهڻو مشڪل آهي. ڇا ڪوئي سوچي به سگهي ٿو ته اهڙي سازش ڪئي وڃي، جنهن سان ننڊ پيل هڪ مسيحي جوڙي کي ٽنگوٽالي ڪري بٺي جي باهه ۾ اڇلايو وڃي ۽ ان صورت ۾ جڏهن سڙي خاڪ ٿيندڙ عورت ڳورهاري هجي ۽ هن جا ننڍڙا ٻار فلڪ شگاف دانهون ڪندا هجن. پاڪستان جي صوبي ۾ جيڪڏهن انهن انيائن جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو وڃي ها ته اڄ پاڪستان جي حصي ۾ ايتري گهڻي پريشاني نه اچي ها. اسان جي ملڪ جي باري ۾ ڌاريا ته ڇا پر اسان جا پنهنجا باشعور شهري به اهو چئي رهيا آهن ته پاڪستان جيڪو ڪجهه پوکيو آهي، هاڻي اهو ڪجهه لڻي رهيو آهي. هن وقت سوال اهو آهي ته پاڪستان آخر نفرت ۽ تعصب جي اها زهريلي پوک ڪيستائين لڻندو رهندو؟

عمران خان جي حڪومت پوري ڪوشش ۾ مصروف آهي ته ملڪ جي پيشانيءَ تي لڳل اهو داغ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ميساريو وڃي. ان سلسلي ۾ حڪومت پاران سريلنڪا جي شهريءَ پريانٿا کي هجوم جي حملي کان بچائڻ واري شهري ملڪ عدنان کي “تمغه شجاعت” ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان مان پاڪستان جي عوام کي ڪهڙو پيغام ملندو؟ حڪومت اهڙي اعلان سان اهو ماحول پيدا ڪرڻ چاهي ٿي ته اڳ ۾ جيڪڏهن وري ان قسم جو واقعو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته عام ماڻهو اڳتي اچي ان مظلوم کي بچائڻ جي ڪوشش ڪن جيڪو هجوم جي غيض و غضب جو نشانو بڻجڻ طرف ويندو هجي. پر اهو مشڪل آهي. ڇو ته جڏهن ان قسم جي ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي قانون جا ڪارن ڪوٽن ورا رکوالا به گلن جا هار پارائيندا هجن ته پوءِ عام ماڻهوءَ تائين امن ۽ شانتيءَ جو پيغام ڪيئن پهچندو؟ ملڪي حڪومت کي ان سلسلي ۾ جيڪي به ٻٽا معيار آهن، انهن کي تيلي ڏئي ساڙڻو پوندو ۽ اهڙا مثال قائم ڪرڻا پوندا، جن سان ملڪ ۾ ماڻهن جي سلامتيءَ جي ساک ستارن وانگر عالمي اڀ تي چمڪڻ لڳي. اهو ماحول صرف دعوائن ۽ بيانن سان نه ٿو جڙي سگهي. ان جي لاءِ عملي طور تي قدم کڻڻا پوندا. ڇا حڪمران قانوني قدمن کڻڻ جي سلسلي ۾ ڪو سمجهوتو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن؟ ڪالهه تائين ته ملڪ ۾ ڪجهه ٻيو لقاءُ هو. هاڻي جيڪڏهن مٿين سطح تي پاليسي تبديل ڪئي وئي آهي ته ان جو پتو پاڪستان ۾ رهندڙ عوام کي به نه پيو آهي ته ٻاهرين خلق کي ڪيئن پوندو؟ انگريزي ٻوليءَ جو هڪ پراڻو ۽ مشهور پهاڪو آهي ته Actions speak louder than words معنيٰ عمل اعلانن کان وڏ واتا هوندا آهن. اسان اعلان ڪهڙا ٿا ڪريون؟ اسان جي ساک پت اهڙي آهي جو اسان جي لفظن تي ماڻهو ڪنهن به طرح جو اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن. اسان عملي طور تي جيڪڏهن ڪجهه ڪنداسين ته ماڻهن جي دلين تي ان جو اثر پوندو. اسان عملي طور تي ڇا ڪري رهيا آهيون؟ ڇا اسان هڪ غيرملڪي شهريءَ جي خاندان کي ڀرپور مالي معاوضو ڏئي ۽ پنهنجي شهريءَ جي سيني تي هڪ تمغو سجائي ملڪ ۾ اهو ماحول جوڙي نه ٿا سگهون، جنهن سان ماڻهن مان خوف ۽ هراس ختم ٿي وڃي.

پاڪستان جي مٿان نه صرف ٻاهرين طرح سان پر اندروني سطح تي به انتهاپرستيءَ جو تمام گهڻو خوف آهي. اهو خوف هونءَ ته مجموعي طور تي پوري ملڪ ۾ آهي پر پاڪستان جي وڏي صوبي پنجاب جي آسمان تي ان دهشت جي ديو جا لامارا ڪجهه سرس آهن. اها به هڪ عجيب ڳالهه آهي ته زرعي معاشري يا جاگيرداري سماج ۾ ان قسم جي ذهنيت هجڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن پر اها ڇرڪائيندڙ ڳالهه آهي ته هن ڀيري جيڪو انتهائي منفي واقعو پيش آيو آهي، اهو نه رڳو پنجاب جي هڪ شهر ۾ پيش آيو آهي پر ان شهر جي فيڪٽريءَ ۾ ان واقعي جو ٿيڻ اسان جي تجزين کي اهو رخ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اهو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ مصنوعي طريقا به استعمال ٿيا آهن. مطلب ته ان ماحول ڪارڻ اهو آهي ته پنجاب ۾ ڪوشش ڪري اهو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي ۽ معاشري ۾ ڪنهن به ماحول کي پيدا ڪرڻ ۾ هڪ ٻه ڏينهن نه لڳندا آهن پر ان لاءِ هڪ ته چڱو خاصو وقت گهربل هوندو آهي ۽ ان وقت جي دوران به مسلسل محنت جي ضرورت هوندي آهي.

اسان جڏهن پنهنجي ملڪي ماضيءَ جي طرف تڪيون ٿا ته اسان کي لبرل ۽ جمهوري ماحول جي مٿان جيڪڏهن ڪو پهريون قهري وار نظر اچي ٿو ته اهو جنرل ضياءَ جي مارشل لا جو آهي. هونءَ ته جنرل ضياءَ کان اڳ ۾ پاڪستان جا آمر جنرل ايوب خان ۽ جنرل يحيٰ خان به جمهوريت جا دشمن هئا پر اهي پنهنجي ذاتي ۽ سرڪاري پاليسيءَ ۾ بنياد پرست نه هئا. جڏهن افغانستان ۾ آمريڪا جي جنگ وڙهڻ جي لاءِ جنرل ضياءَ نه رڳو پنهنجي مٿان پر پوري ملڪ جي مٿان سياسي مقصدن لاءِ مذهب کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هن ملڪ پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو ته ملڪي ٽيليويزن تي ايندڙ نيوز ڪاسٽرز ۽ هوسٽ عورتن کي زوريءَ روا پارائڻ جا حڪم ڏنا ويا. عورتن جي خلاف قانونن جو سلسلو به جنرل ضياءَ جي آمريتي سرڪار شروع ڪيو ۽ جڏهن جنرل ضياءَ اهو ڏٺو ته عوام هن جي آمريتي حڪومت کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، تڏهن هن مذهبي حلقن کي سرڪاري سهڪار سان منظم ڪرڻ شروع ڪيو. افسوس ته ان سياسي سازش ۾ آمريڪا پاڪستاني آمريت سان ڀرپور طور تي شامل هو ۽ هن مهل پاڪستان جنهن مصيبت ۾ منجهي پيو آهي، ان جا بنياد جنرل ضياءَ جي دور ۾ رکيا ويا هئا.

سنڌ ۾ جمهوري ماحول تمام گهڻو مضبوط هو. اهو ئي سبب هو ته جنرل ضياءَ جي مارشل لا خلاف ايم آر ڊي جي تحريڪ سڀ کان وڌيڪ ڀرپور سنڌ ۾ هئي ۽ سنڌ حقيقي طور تي جمهوري جدوجهد جي سرواڻي ڪندڙ صوبو بڻجي اڀري آيو هو ۽ سنڌ کي ان جي سزا ڏيڻ لاءِ ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل راڄ پيدا ڪيو ويو ۽ شهرن ۾ تنگ نظر، تعصبي ۽ فاشسٽ قسم جي لساني سياست کي مصنوعي سهارا ڏئي اڀاريو ويو ۽ هاڻي ته اهڙين شرمناڪ سازشين جا سمورا پول پڌرا ٿي پيا آهن. عدليا ۾ به اهي اعتراف ٿيا آهن ته سرڪاري سطح تي جمهوريت جي خلاف ڪهڙي ريت فنڊنگ ڪئي وئي ۽ ان ۾ ڪير ڪير ملوث هئا؟

پاڪستان هن وقت جنهن پريشانيءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان جو سبب جمهوريت مخالف سازشون آهن. چوڻ ۾ ته پرويز مشرف جي پهرين دور کان پوءِ ملڪ ۾ مسلسل جمهوريت رهي آهي پر اسان کي سيني تي هٿ رکي سوچڻ گهرجي ته ڇا صرف جهڙيون تهڙيون چونڊون ۽ جيئن تيئن پوندڙ ووٽ جمهوريت جون سموريون تقاضائون پوريون ڪري سگهن ٿا؟ ووٽ جمهوريت جي ابتدا آهن. پر جيڪڏهن هڪ سياسي نظام کي ابتدائي قدم کان پوءِ وڌيڪ سفر نه ڪرڻ ڏنو ويندو ته اهو پنهنجي جڙ ڪيئن مضبوط ڪندو؟ جمهوريت هڪ پوري نظام جو نالو آهي. جيڪڏهن پاڪستان ۾ جمهوريت جي خلاف هٿرادو فاشي ٽولا پيدا ڪرڻ جي روش اختيار نه ڪئي وڃي ها ته اڄ اسان کي سرعام انسان آگ ۾ سڙندا نظر نه اچن ها. پاڪستان ۾ جيڪڏهن نفرت ۽ تعصب جي باهه شدت سان ٻري سگهي ٿي ته ان جو سبب جمهوريت جي درياءَ تي سازش سان آمريت جا ٻڌل بند آهن. هاڻي به جيڪڏهن ملڪ کي محفوظ رکڻ جي سلسلي ۾ ڪا سنجيدگي آهي ته اهو ڪم صرف بيان بازين ۽ اعلانن سان نه ٿيندو. اسان کي پاڪستان ۾ ڀرپور ۽ حقيقي جمهوريت جا رستا بحال ڪرڻا پوندا. تاريخ جو اهوئي نچوڙ آهي ته انتهاپرستيءَ ۽ انارڪيءَ جو اصل حل جمهوريت جي واڌ ويجهه ۾ لڪل آهي. پاڪستان جون سموريون سياسي ۽ رياستي پريشانيون حقيقي ۽ مڪمل جمهوريت نه هجڻ سبب پيدا ٿيون آهن. اسان جي ملڪ جي مجموعي مرضن جو حل صرف ۽ صرف صاف شفاف جمهوريت ۾ موجود آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button