ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بنا دماغ ۽ بددماغ سياست

Editorial-Article-Wastuallah Khan

اعلى دماغ اولهه وارن ملڪن جي، ڪووڊ کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي سان ان تاثر کي وڌيڪ هٿي ملي رهي آهي ته ڪووڊ جو متاثر بظاهر چاڪ چڱو ڀلو ٿي وڃي، تڏهن به ان جا اثر جسم ۽ ذهن جي مختلف حصن تي ڪافي عرصي تائين غالب رهن ٿا ۽ ان کان ڇوٽڪارو آهستي آهستي ممڪن آهي.
ان تناظر ۾ اولهه، خاص طور يورپي دنيا جي ملڪن جي ذهني ڪيفيت جو اندازو ايئن لڳائي سگهجي ٿو ته اهي ملڪ ڪووڊ جي نئين قسم اومي ڪرون کان بچڻ لا پنهنجي زميني، بحري ۽ هوائي سرحدن کي بند ڪري رهيا آهن، پر وڌيڪ ضرورت کان وڌيڪ ڪووڊ ويڪسين ذخيري کي ايڪسپائر ٿيڻ کان اڳ ۾ ٻين ضرورتمند انسانيت کي عطيو ڪرڻ بدران انهن کي ڪروڙن جي انگ ۾ ضايع ڪرڻ وڌيڪ بهتر سمجهي رهيا آهن. انهن ملڪن جي قيادت بظاهر اهو بنيادي نقطو به سمجهڻ کان قاصر ٿي چڪي آهي، جو جيستائين سڄي دنيا محفوظ نه هوندي، تيستائين پابندين جون اوچيون ديوارون ڪنهن به خطي کي وائرس کان محفوظ رکي نه سگهنديون. اولهه جا ملڪ سرحدن کي بند ڪرڻ، اڏامن کي محدود ڪرڻ ۽ لاڪ ڊائون جي قيمت تي کربين ڊالر جو معاشي خسارو برداشت ڪرڻ تي راضي آهن پر غريب امير جي فرق کي پاسيرو رکي عالمي ويڪسينيشن لا پنهنجا ڪف چاڙهڻ ۽ رڳو ڪجهه ارب ڊالر خرچ ڪري پنهنجي معيشت ڪووڊ کان مستقل محفوظ ڪرڻ جو هدف حاصل ڪرڻ جي باري ۾ سوچڻ کان معذور آهن.
مڃيون ٿا ته توهان ڪنهن به سبب جي ڪري پنهنجي اضافي ويڪسين تي نانگ بڻجي ويٺا آهيو، ظاهر آهي ته توهان ان ذخيري کي خريد ڪيو آهي يا توهان جي ملڪيت آهي. هاڻي توهان انهي کي استعمال ڪريو يا سمنڊ ۾ اڇلايو، پر جڏهن 100 کان وڌيڪ ملڪ بشمول گڏيل قومون ۽ عالمي صحت جو ادارو گذريل هڪ سال کان لاڳيتو مطالبو ڪري رهيا آهن ته اولهه جون حڪومتون ويڪسين ٺاهيندڙ ڪمپنين تي انٽيليڪچوئل ڪاپي رائيٽس قانونن کان عارضي طور هٿ کڻڻ لا دٻا وجهن ته جيئن ان اڻٽر عالمي وبا جو تيز رفتاري سان مقابلو ڪري سگهجي، تڏهن برطانيا ۽ يورپي يونين خاص طور (جرمني، سئٽرزلينڊ، برطانيا) ان ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لا لبيڪ چوڻ بدران دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين جا وڪيل ٿي ويا آهن. ڇو ته هو نجي شعبي کي ڪاپي رائيٽس تان هٿ کڻائڻ تي هڪ حد کان وڌيڪ مجبور نه ڪري سگهندو.
ان بابت عالمي واپاري اداري (ڊبليو ٽي او) جي آڏو 64 ملڪن جي درخواست گذريل هڪ سال کان پئي آهي پر جن ملڪن جون دوا ٺاهيندڙ ڪمپنيون ويڪسين تيار ڪري رهيون آهن، انهن جي حڪومتن لا انسانيت کي درپيش بحران جي ڀيٽ ۾ ڪجهه دوا ٺاهيندڙ ڪمپنين جو منافعو وڌيڪ اهم آهي. ان لا ڊبليو ٽي او جي رڪنيت جي باوجود هي حڪومتون ها ۽ نه جي وچ ۾ نه رڳو پاڻ لڙڪي رهيون آهن پر باقي دنيا کي به لڙڪائي رکيو آهي.
انهي جو اندازو ان مان به ٿي سگهي ٿو ته ويڪسين ٺاهيندڙ ڪمپنيون ڪاروباري دشمني ۾ هڪ ٻئي کي هارائڻ ۽ وڌ کان وڌ واپار ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ هڪ ٻئي جي ويڪسين جي افاديت تي پنهنجي پنهنجي پسنديده ريسرچ لابين پاران وقت بوقت تازا ترين تحقيق جي نالي تي جاري رپورٽن ۽ انگن اکرن کي پيش ڪن ٿيون، ته جيئن حڪومتون ۽ عام ماڻهو مونجهاري جو شڪار رهن ۽ هڪ ويڪسين تي اٿندڙ سوالن جا جيستائين تسلي بخش جواب ڳولين تيستائين ٻي ڪمپني تحقيق هيٺ رهندڙ ڪمپني جو بزنس اڏائي رکي.
ويڪسين جي اها جنگ رڳو ڪمپنين تائين محدود ڪانهي، رياستون به ويڪسين سازي جي ڪاروبار کي تحفظ ڏيڻ لا هڪٻئي سان لڳيون پيون آهن. جيئن ڪيترائي اولهه جا ملڪ ۽ انهن جي ها ۾ ها ملائيندڙ ٻي دنيا جا ڪجهه وچولا ملڪ، چيني، روسي، ڀارتي يا ٻيا غير مغربي ويڪسين جي افاديت قبول نٿا ڪن ۽ اصرار ڪن ٿا ته مسافر ۽ مقامي شهري رڳو اهي ويڪسين لڳرائين جيڪي اولهه جون ڪمپنيون ٺاهين ٿيون. جڏهن ته صحت جي عالمي اداري جي منظور ڪيل ويڪسين فهرست ۾ غير مغربي نه رڳو شامل آهن پر انهن کي محفوظ ۽ اثرائتو قرار ڏنو ويو آهي.
ڄڻ اولهه نه ته ويڪسين جو فالتو ذخيرو ضرورتمندن کي عطيو ڪرڻ تي راضي آهي ۽ نه ئي ويڪسين اُسرندڙ دنيا ۾ مقامي تياري خاطر ڪاپي رائيٽس قانونن جي عارضي معطلي ۾ سهڪار ڪري رهيو آهي. سرمائيداراڻي نظريي تي هلندي اولهه کي اهو پاسو تنگ نه پيو ڪري ته منڊي بيمار ٿي وئي ته مال ڪير خريد ڪندو ۽ مال جو وڪرو نه ٿيو ته اولهه جي معيشتن جو ڪهڙو حال ٿيندو ۽ جيڪڏهن حالتون اهڙيون ئي رهيون ته چين کي هدف ٺاهي سرد جنگ جي ايجاد ڪيل خوف جو مستقبل ڇا هوندو؟ ان تضاد جو علاج ڪو مهان نفسياتي ماهر ئي ٻڌائي سگهي ٿو.
گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري اينتونيو گوتريس ۽ عالمي صحت واري اداري جي سربراهه ٽيڊروس ايڊهونم جو موقف آهي ته ڪووڊ جي وبا کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ۾ اڻبراري جو مسئلو تڏهن ئي حل ٿي سگهي ٿو، جڏهن ان کي به بنيادي انساني حقن جي عينڪ لڳائي ڏٺو وڃي.
پر ٻئي اعلى عالمي عهديدار اهو به ڄاڻن ٿا ته اولهه ته گرم ۽ سرد جنگ کي سالن کان سهندو آيو آهي. تنهنڪري ذهني عينڪ به اهائي آهي جيڪا ان ٻي عالمي جنگ کان پو لاٿي ئي ناهي. اولهه لا اڄوڪو چين ۽ روس ڪووڊ کان وڌيڪ وڏا خطرا آهن. ڪووڊ جيڪڏهن ائٽمي هٿيارن سان ليس هجي ها يا ڪو خودڪش بمبار هجي ها ته شايد دنيا کي ان خطري کان بچائڻ لا اولهه ڪڏهن جو ڊوڙ لڳائي ها.
اولهه ڪووڊ کان بچڻ واري معاشي خساري ۾ ايترو گهٻرايل ڪونهي جيترو ون بيلٽ اينڊ ون روڊ منصوبي کان آهي. ان منصوبي جي ڀيٽ ۾ اولهه 300 ارب يورو جي فنڊ جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن ترقي پذير ملڪن کي چين جي قرض جي ڄار واري سفارتڪاري کان بچائيندي انهن کي انفرا اسٽرڪچر منصوبن کي تيار ڪرڻ ۾ رعايتي اگهن تي مدد فراهم ڪئي وڃي. پر اولهه چين جي ڪووڊ ڊپلوميسي جي ڀيٽ ۾ ٽين دنيا کي ڪووڊ ويڪسين سان ڀرڻ يا ويڪسين جي تياري لا انٽيليڪچوئل ڪاپي رائيٽس معطل ڪرائڻ جي ڪم تي هرگز راضي ڪونهي، جيڪڏهن اها اعلى دماغ سفارتڪاري آهي ته عالمي بدماغي ۽ بي دباغي ڇا آهي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button