شوبز

سعودي ۾ پهريون ڀيرو عالمي فلم فيسٽيول شروع، اداڪارائن جا جلوا

سعودي عرب جي ساحلي پٽي واري شهر جدا ۾ پهريون ڀيرو عالمي فلم فيسٽيول شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ مختلف ملڪن جي اداڪارائن جلوا ڏيکاريا آهن. جڏهن تھ 135 فلمن جي نمائش ٿيندي. ميڊيا مطابق ساحلي شهر جدا ۾ منعقد ٿيل ريڊ سي فلم فيسٽيول ۾ سڄي دنيا مان مشهور فلمي شخصيتون پهچي ويون آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ فلم فيسٽيول ۾ اڪثر عربي فلمون رکيون ويون آهن، پر هندي، انگريزي، فرانسسي، اسپينش، بگالي، ملايلم ۽ ٻين ٻولين ۾ فلمون پيش ٿينديون، جتي بالي ووڊ فلم 83 بھ پيش ٿيندي، پر بدقسمتي سان فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمون نھ رکيون ويون. جڏهن تھ ايونٽ ۾ ڊانس ۽ آرٽ جا پروگرام بھ شامل ڪيا ويا آهن. هوڏانهن 6 ڊسمبر کان شروع ٿيندار فلم فيسٽيول ۾ ريڊ ڪارپيٽ تي فرانس، آمريڪا، مصر، مراڪش، اماراتي ۽ ڀارتي اداڪارائن جلوا ڏيکاري ان کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، فلم فيسٽيول 15 ڊسمبر تائين جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button