شوبز

گريمي ۾ منهنجي نامزد سان تاريخ بدلجي وئي: عروج آفتاب

پاڪستاني ڳائڻي عروج آفتاب چيو آهي تھ گريمي ايوارڊ ۾ منهنجي نامزدگي سان تاريخ بدلجي وئي آهي. ميڊيا مطابق عروج آفتاب ٻڌايو تھ منهنجا مقبول گيت اردو ۾ آهن، گريمي ۾ نامزدگي ٿيڻ تي حيران ٿي وئي آهيان، پر اهو بھ سچ آهي تھ موسيقي کي ايڏو وقت ڏنو آهي جو هاڻ مان ٻئي پاسي وڃڻ جو سوچي نٿي سگهان. هن چيو تھ ٿي سگهي ٿو گريمي انتظاميا منهنجي موسيقي اولهه جي سمجهي نامزد ڪيو هجي. هن چيو تھ منهنجي موسيقي ۾ ذاتي درد ۽ مسئلن جون جهلڪيون نظر اينديون آهن، مان چئي سگهان ٿي ڪوشش ڪيان پئي تھ مرزا غالب، رومي ۽ حفيظ هوشيارپوري جي شاعري کي جديد انداز ۾ پيش ڪيان، گريمي انتظاميھ بهرحال تاريخ لکي ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button