زندگيءَ جو ضد موت ناهي بلڪه موت زندگيءَ جو هڪ ابدي اهڃاڻ آهي. ڌرتيءَ تي ڪئين نسل پيدا ٿين ٿا ۽ هڪ ڏينهن فنا ٿيو وڃن. انهن سڀني نسلن جي درجابندي انتهائي رنگين آهي. هر جيوت سڌي يا اڻ سڌي ريت پيڙا ۽ تڪيلف مان گذري ٿي. پر انسان هڪ اهڙي مخلوق آهي جنهن جون تڪليفون سڀني جاندارن جي ڀيٽ ۾ مختلف آهن. بقول چارلس ڊارون “انسان ۽ جانور ۾ بنيادي طور تي ڪو به فرق ناهي.”
ذهني ڇڪتاڻ واري ڪيفيت ڇا هوندي آهي، هيءَ ته هونئن ڪافي عام جملو لڳي ٿو، پر جڏهن ان ذهني ڇڪتاڻ جو ماڻهو شڪار ٿيندو آهي ته دنيا جون ڪافي رونقون فرد کي بي معنيٰ لڳنديون آهن. فرد وائڙو ٿي ويندو آهي، رات ڏينهن ان لاءِ ساڳيا هوندا آهن. فرد پنهنجي پاڻ کي جنجهوڙي جيئڻ به چاهيندو آهي پر هيءَ مرض ان کي گهڻي ڀاڱي مختلف نفسياتي مونجهاري جو شڪار ڪري نيٺ هڪ ٻئي اسٽيج لاءِ ڌڪيندو آهي، جنهن کي اسين اسٽريس يا ذهني ڇڪتاڻ چئون ٿا. هونئن ته هر فرد زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي ذهني طور ٿڪاوٽ جو شڪار ٿيندو آهي، پر گهڻا ئي ماڻهو ذهني طور تي ٿڪاوٽ جو مسلسل شڪار هوندا آهن. اسين ماڻهوءَ جي جسماني زخمن کان آگاهه هوندا آهيون ڇو ته اهي ظاهر هوندا آهن، پر ذهني مرضن کان بلڪل به نه. ذهني تڪليف هڪ ذهني انفيڪشن آهي جنهن ۾ فرد بار بار تڙپندو آهي پر ان کي پاڻ خبر ناهي پوندي ته ان سان ٿي ڇا رهيو آهي. پر ڪجهه ماڻهو ان جي نشاندهي ڪري وٺندا آهن. ڪن کي ڪرونڪ ڊپريشن ٿي ويندو آهي يعني مستقل ڊپريشن، جنهن جي ڪارڻ ٻيا مختلف جسماني مسئلا، مثال طور: ننڊ نه اچڻ يا گهڻي ننڊ اچڻ ڪنهن ڪم ۾ دلچسپي نه وٺڻ يا بار بار مٿي ۾ هلڪو هلڪو سور رهڻ. جيڪڏهن وقت تي ان مسئلي جو علاج نه ٿئي ته ماڻهو نيٺ خودڪشي تائين پهچي ويندو آهي. پڙهيل لکيل ماڻهو به ذهني طور تي سالم نه هئڻ واري مريض سان صحيح سلوڪ ناهن هلندا. ذهني ڇڪتاڻ جي مريض سان ڳالهائڻ وقت ان کي اهو محسوس نه ڪرائڻ کپي ته اهو ڪنهن جو مريض مستقل ناهي. بلڪه انهي مريض کي شفقت ڏجي بنا ڪنهن مفاد يا مطلب جي انساني رويو رکجي ته بهتر.
تحقيق اسان کي ٻڌائي ٿي ته ڊپريشن جا ڪئين قسم آهن بلڪه تخليق جو تعلق به گهڻي ڀاڱي ذهني سور سان آهي، پر اهو انتهائي انوکو هوندو. دنيا جا وڏا ذهن گهڻي ڀاڱي مايوس رهيا آهن. ان خيال جي نفي نٿي ڪري سگهجي. نوبل انعام يافته ڀلوڙ ناول نگار ارنيسٽ هيمنگوي ڊپريشن ڪارڻ خودڪشي ڪري ڇڏي. گهڻن ئي ذهنن پنهنجي ذات ۾ خوشيءَ جي تمنا گهٽ ڪئي آهي، پر ان جو هرگز اهو مطلب ناهي ته ماڻهو خوشيءَ کان پاسو ڪري. ماڻهو پنهنجي ذهن کي نقصان ڏي. ماڻهو پنهنجي پاڻ کي تڪيلف ۾ وجهي ڪنهن خيال جو غلام رهي. خوش رهڻ ۽ ذهني صحت کي سالم رکڻ هر فرد جو شعوري ۽ بنيادي حق آهي.
اسين هن ڌرتيءَ جو انوکو اولاد آهيون، ڇاڪاڻ ته فطرت اسان کي خلاصن ۽ خيالن کي پيدا ڪرڻ جي سگھه ڏني آهي. اسان کي ڌرتيءَ جهڙو ٻيو سيارو تنهن کان پوءِ ان تي انسان جهڙي ڪا ٻي مخلوق ڪٿي ٻئي هنڌ لڀڻ جي امڪان ۾ ڪافي حد تائين ناممڪن لڳي ٿو.
هڪ عجيب مخلوق جيڪا ڪيتري حد تائين حقيقت ۾ اذيت جو گهٽ پر خيالي دنيا ۾ گهڻي پيڙا جو شڪار رهي ٿي. شايد! اسان هر قسم جي مفروضن ۾ گهريل هوندا آهيون. ڪٿي ڪٿي پنهنجي پاڻ کي ايمانداريءَ سان پرکڻ ۾ ڪيٻائي ويندا آهيون. ڪٿي اسين ٻين کي ججمنٽ جي خاني ۾ رکي تڪيندا آهيون ته ڪٿي اسين بنا ڪنهن سوچ سمجهه جي پريشان آهيون.
پريشاني هڪ محبوبا وانگر آهي. سولي سنڌيءَ ۾ هڪ اهڙي ڇڪتاڻ واري صورتحال جنهن جو نه پڇ نه ڪو پير جنهن کي انگريزيءَ ٻولي ۾ کڻي stress چئون.
ذهني پريشاني دنيا جي هر فرد کي ڪنهن حد پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀريندي آهي پر جيڪڏهن گهڻي عرصي تائين اها قائم رهي ته ڊپريشن جهڙي مرض ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي. سڌريل سماجن ۾ ذهني صحت جو ائين ئي خيال رکيو ويندو آهي جيئن پاڪستاني سماج ۾ مردن کي پنهنجي مردانگيءَ جو فڪر هوندو آهي.
صحت تي ڪم ڪندڙ تنظيم WHO موجب ته دنيا ڪل آبادي مان 3 ڏهائي 7 سيڪڙو ماڻهو ڪنهن ريت ذهني مرض ورتل آهي جنهن ۾ ڊپريشن فهرست آهي.
ڪلينڪل نفسيات جي علم جي نشاندهيءَ جي اعتبار کان عام مرض هي آهن جنهن ۾ گهڻي قدر anxiety disorder تنهن کان پوءِ OCD يعني obsessive-compulsive disorder آهن. جيڪي سڀني مرضن جو بنياد ٿي سگهڻ جي سگھه رکن ٿا. سوچڻ سٺو عمل آهي پر گهڻو سوچڻ به ماڻهو کي چريو ڪري ڇڏيندو آهي. فرد سماج مان ئي سوچڻ سکندو آهي ته ڪٿي گهڻو سوچڻ گهرجي ڪٿي وري گهٽ. اسان جي سموري صحت اسان جي جبلتن جي صحت سان سلهاڙيل آهي. يعني ننڊ، کاڌو، پاڻي ۽ سيڪس. جيڪڏهن اهي سڀ عمل ناممڪل ٿين ته نتيجي طور جسم ذهن پاڻ به اٽڪي پوندا ۽ آخر ذهني مرض ظاهر ٿيندا. جيئن بخار جي ڪري لڱ ۾ سور پوندو آهي ۽ اهڙيءَ ريت جيڪڏهن ماڻهوءَ جو پيٽ خراب ھجي ته کوڙ ٻيون بيماريون جنم وٺڻ لڳنديون. ائين ئي هڪ ذهني ڇڪتاڻ ڪيترن ئي ذهني مرضن جو سبب ٿيندي آهي.
سنڌ جي مجموعي صورتحال تي بحث ڪجي ته گهڻي ڀاڱي نوجوان نسل توڙي وڏي ڄمار جا ماڻهو مرض ۾ مبتلا ملندا پر نفسياتي بيمارين جي گهٽ علم جي ڪري ان کي هڪ ٻئي کي رنگ ڏنو ويندو آهي جنهن کي “حساب” يا مختلف نالن سان سڏيو ويندو آهي.
اهڙيءَ ريت نفسياتي مسئلن تي ڳالهائڻ تي به حجاب ڪيو ويندو آهي. گهڻي ڀاڱي ماڻهو شرم وٽان پنهنجي نفسياتي ويڳاڻپ تي ڳالهائڻ کان ٻه ڪيٻائي ويندا آهن. انهن جو وڏو سبب جذباتي تربيت يعني emotional Training جي کوٽ آهي. ذهني مرضن کي لڪائڻ هڪ اهڙو رويو آهي جنهن ۾ فرد پنهنجي پاڻ کي judgement کان بچائڻ گهرندو آهي.
اهو به هڪ نفسياتي مسئلو آهي جنهن ۾ فرد پنهنجي پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ مختلف بهانا ڳوليندو آهي. مثال طور هڪ ماڻهو کي ذهني ڇڪتاڻ يعنيsevere stress آهي، جيڪڏهن اهو ان کان آگاهه هوندو ته ممڪن آهي ان جو علاج به ٿي وڃي يا ان ڪيفيت جو اظهار هو پنهنجي ويجهي ساٿي يا دوست سان ڪري. نفسياتي اعتبار سان ڊاڪٽرن کان پوءِ جيڪڏهن ڪو ٻيو معالج آهي ته اهو فرد جي پنهنجي سنگت يا فيملي ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهي اسان کي حوصلو ڏين ٿا ۽ پراميد ڪن ٿا. اچو ته هڪ اهڙو ماحول جوڙيون جنهن ۾ ذهني صحت جو خيال رکون. اچو ته هڪ ٻئي جي ذهن کي صحتياب ڪريون. اچو ته هڪ ٻئي کي judge ڪرڻ بدرانِ هڪ ٻئي جو وسيع مشاهدو ڪري ذهني مرض هجڻ جي صورت به هڪ ٻئي سان صحتمند رويو رکون. اچو ته پنهنجي ذهن جي زخمن مان گند صاف ڪري انهن کي ڇٽائڻ جي ڪوشش ڪريون. اچو ته ذهني صحت ۽ ذهني مرضن تي هڪ باشعور فرد ٿي غور ويچار ڪيون.