هن وقت عالمي توڙي علائقائي ميڊيا ۾ سڀ کان وڏي خبر ڀارت جي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل بپن راوت کي پيش آيل حادثي واري آهي. هر حادثي جيان هن حادثي جي حوالي سان به سازشي نظريا پنهنجي پوري قوت سان پيدا ٿيندا. جيستائين حادثي جي پوري رپورٽ پيش ٿئي، تيستائين هڪ وڏو اشو پيدا ٿيل آهي. اهو حادثو جنهن ۾ ڀارتي جنرل پنهنجي گهرواريءَ سان گڏ اجل جو شڪار ٿيو آهي، ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ ان باري ۾ هن مهل تائين هڪ ماٺ وارو ماحول آهي.
هونءَ ته جنرل بپن راوت پنهنجي بيان بازين جي حوالي سان ڪافي مشهور هو. هن جي باري ۾ هن مهل به ميڊيا اهو بيان ڪري رهي آهي ته هو ڀارت جي عسڪري قوت جي سلسلي ۾ کليو ڳالهائيندو هو ۽ هن جا پاڪستان توڙي چين جي باري ۾ بيان هن مهل به سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل آهي. جنرل بپن جي باري ۾ عام تاثر اهو هو ته هو انتهائي سخت مزاج جو فوجي آفيسر هو پر هن کي پيش آيل حادثو اسان جي آڏو زندگيءَ جي زوال جو هڪ مضبوط مثال ٿي آيو آهي. انسان اڳي ۽ پوءِ ان راه جو راهي آهي، جنهن راه تي وير رکڻ کان پوءِ بقول شاعر “ڪوئي ڪڏهن به واپس نه وريو آهي”. جنرل راوت جو شمار انهن فوجين ۾ ٿئي ٿو، جيڪي پنهنجي مزاج ۾ تمام گهڻا ڪاوڙ وارا هوندا آهن.
هو هڪ فوجي هو. هو هڪ فلاسافر نه هو. هو هڪ جنرل هو. هو ڪوئي مفڪر نه هو. هن جا هٿ هٿيارن جا عاشق هئا. هن ڪڏهن به ڪتابن سان پيار نه ڪيو. هن جي نظر ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت طاقت جي هئي. اها طاقت جيڪا ڪڏهن جنگ جي حوالي سان هوڪارا ڪندڙ فوجي ويڙهاڪن ۾ هوندي هئي ۽ هاڻي سائنس ان کي سميٽي انهن ايجادن ۾ آندو آهي، جيڪي اک ڇنڀ ۾ تمام گهڻو نقصان پهچائي سگهن ٿيون. جنرل بپن ڀارت جو آرمي چيف هو پر هن کي اهو ڪڏهن به خيال نه آيو ته ڀارت گوتم کان وٺي گانڌيءَ تائين اهنسا جي پيغام کي عام ڪرڻ وارو ملڪ رهيو آهي. هن وقت ڀارت جا ڪروڙين ماڻهو زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان محروم آهن پر پوءِ به ڀارتي جنرل سدائين وڌ کان وڌ جديد، مهلڪ ۽ مهانگن هٿيارن جي باري ۾ هٿ پير هڻندا نظر آيا آهن. ڇو ته هو انهن جي طاقت جو ڪارڻ آهي. جيتوڻيڪ دنيا جا امن پسند ماڻهو سدائين جنگ جا مخالف رهيا آهن پر هڪ فوجي جنرل انهن ڳالهين کي جنهن نظر سان ڏسندو آهي، اسان کي ان جو نه رڳو احساس پر علم به آهي. غريب عوام گول مانيءَ جو خواب ڏسندو آهي ۽ جنرل هميشه گوليءَ جو سپنو سوچيندو آهي. پر جڏهن ڪوئي جنگ جو چاهيندڙ جنرل پنهنجي جيون جي انجام کي پهچي ٿو، تڏهن هندو هجڻ جي حوالي سان هن کي به ان باهه جي شعلن حوالي ڪيو وڃي ٿو، جنهن باهه جي شعلن جو کاڄ هڪ عام سينڪ يا سپاهي ٿيندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته موت کي ڪجهه مفڪرن انسانن جي آخري برابري قرار ڏنو آهي.
جنرل بپن راوت جي روسي ساخت واري هيلي ڪاپٽر کي پيش آيل حادثي جي حوالي سان جيڪي پهلو غور هيٺ هوندا، انهن جو ته پنهنجو دائرو ۽ پنهنجو پروٽوڪول هوندو پر اسان ته هن وقت صرف ۽ صرف انساني زندگيءَ جي بي ثباتيءَ تي سوچي رهيا آهيون ۽ اسان خيال ۾ آڻي رهيا آهيون، اهو خيال ته پنهنجي انت کان پوءِ هڪ انسان ڪهڙي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو؟ انسان جي سڀ کان وڏي مهانتا اها آهي ته جڏهن هو هن دنيا مان وڃي ته پنهنجي پويان اڪيچار اکيون اشڪبار ڇڏي وڃي. بلڪل ائين جيئن ڪڏهن گانڌي ويو هو. گانڌي امن جي علامت ٿي ڀريو هو ۽ هن جو موت نه ته فطري ٿيو هو ۽ نه وري هو ڪنهن حادثي جو شڪار ٿيو هو. هن کي هندو بنياد پرستن سازش ڪري نٿو رام گاڊسيءَ هٿان گولي هڻائي قتل ڪيو هو ۽ هن جي قتل تي عام طور پوري دنيا ۽ خاص طور ڀارت ۾ تمام وڏو صدمو محسوس ڪيو ويو. هاڻي ته ان واقعي کي وڏو عرصو ٿي چڪو آهي پر اڄ به نه صرف ڀارتي پر انگريزي فلمن ۾ گانڌيءَ جو ذڪر امن جي علامت طور ٿيندو رهندو آهي.
جنرل بپن جو نظريو اهنساوادي نه هو. جيڪڏهن هو اهنسا جو چاهيندڙ هجي ها ته فوج ۾ ئي نه شامل ٿئي ها. پر هڪ ملڪ جو اهو عجيب الميو آهي ته هڪ طرف هو ٻانهون ٻڌي اهنسا جو اعلان ڪري ٿو ۽ ٻي طرف هو پنهنجي بجيٽ جو وڏو حصو غريبن جي بنيادي ضرورتن تي خرچ ڪرڻ بدران فوجي مقصدن تي خرچي ٿو. هن ڀيري به نريندر موديءَ جهڙي ريت رافيل نالي جهازن تي اصرار ڪيو ۽ انهن جي کيپ خريد ڪرڻ لاءِ بنهه ضدي بڻجي بيٺو، اهو ته هندومت جي اهنسا واري تصور سان بنهه متضاد معاملو آهي پر ان باري ۾ ڪير ڪجهه چئي سگهي ٿو. اسان کي اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڀارت انهن ملڪن مان هڪ آهي، جيڪي ان ٻٽي تضاد سان زندگي گذارين ٿا.
ڀارت جو جنرل بپن راوت ڪشمير توڙي ملڪ جي ٻين مزاحمتي ماڳن تي سختي ڪرڻ واري پاليسيءَ جو تمام وڏو حامي هو. هو معاملن جي حلن کي سدائين بندوق جي ناليءَ مان ڏسندو هو. هن جي سوچ امن بدران جنگ جو چونڊ ڪندڙ هئي. هو ان خيال جو انسان هو ته امن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ جنگ تمام ضروري آهي. فوجي دماغ ان کي “ديترنس” ڪوٺيندا آهن پر تاريخ گواهه آهي ته دنيا جو ڪو به ملڪ جنگ جي رستي تي هلي ترقي نه ڪري سگهيو آهي. اسان اولهه جا ماڻهو ته امن جي پاڇي ۾ پلجي وڏا ٿيا آهيون پر اسان کي معلوم آهي ته مغرب يعني يورپ ٻه مهاڀاري جنگيون وڙهيون ۽ اهي جنگيون، ايتريون ته شديد هيون جو هن مهل تائين يورپ انهن جنگين جي اثرن کان آجو ٿي نه سگهيو آهي پر لکين ماڻهو مارائڻ کان پوءِ به يورپ ڪهڙي نتيجي تي پهتو؟ ايتري گهڻي نقصان کان پوءِ يورپ کي اهو پڪي طرح سان معلوم ٿيو ته “جنگ ته پاڻ هڪ مسئلو آ، جنگ ڪيئن مسئلن جو حل ڏيندي؟” اهي ملڪ جيڪي هڪ ٻئي جي فوجين توڙي شهرين مٿان بارود جي برسات وسائيندا هئا، اڄ اهي ملڪ فري ويزا ۽ هڪ ڪرنسيءَ جي قطار ۾ بيٺا آهن. جن سرحدن لاءِ انهن هڪ ٻئي جا سر پئي وڍيا، اهي سرحدون اڄ انهن جي لاءِ بي معنيٰ بڻجي ويون آهن. هو پنهنجي ڪار تي گهر مان نڪري ٻي ملڪ ۾ داخل ٿي سگهن ٿا ۽ ان لاءِ انهن کي ڪنهن اجازت نامي جي به ضرورت ناهي. انهن کي هاڻي معلوم ٿيو آهي ته جنگ ڪيترو نه نقصان ڏئي ٿي ۽ امن ڪيترو نه فائدي وارو عمل آهي. هونءَ به انساني تاريخ اسان کي هر موضوع جي حوالي سان اهو ئي سمجهائي ٿي ته ماڻهوءَ کي ميچوئر ٿيڻ لاءِ تمام گهڻو وقت گهرجي ٿو. اسان ته امن ۽ جنگ جي موضوع تي ويچار ونڍي رهيا آهيون پر اولهه جي ملڪن آمريڪا سميت جهڙي ريت رنگ ۽ نسل جي بنياد تي جيڪو ظلم ڪيو، ان کي هن وقت دنيا جو ڪوئي فڪر ۽ فلسفو جسٽيفاءِ ڪري نه ٿو سگهي.
آمريڪا موجوده دور ۾ ڊهندڙ ئي سهي پر پوءِ به دنيا جو سپر پاور آهي ۽ هن افغانستان ۾ جهڙي ريت افغام عوام کي قتل ڪيو ۽ پنهنجا توڙي يورپي ملڪن جا ڳڀرو مارايا، ان سان ڪهڙو نتيجو نڪتو؟ هن وقت به آمريڪا وٽ هڪ گهرو پڇتاءُ آهي. پر اهو پڇتاءُ پروڙڻ لاءِ هڪ ويٽنام ڪافي نه هو. شيخ اياز به پنهنجي ڪويتا ۾ لکيو آهي:
“ناگاساڪي ڪافي ناهه
سڀ ڪجهه ناس ڪندو نادان”
اسان سدائين تاريخ ۾ وڙهيل جنگين کي افسوس ڀرين اکين سان ڏسون ٿا ۽ ڏسڻ به گهرجي. ڇو ته انهن جي نتيجي ۾ اسان کي عورتن لڙڪن ۽ مردن جي لاشن کانسواءِ ٻيو ڇا مليو؟
دنيا ۾ وڏي کان وڏا جنگجو رهيا آهن ۽ انهن جا آخري نتيجا به اسان جي آڏو آيا آهن. اسان صرف مغرب کي ڇو ڏسون؟ ڇا ڀارت ڪنهن به طور تي فراموش ڪري سگهي ٿو، اهو مهاراجا اشوڪا، جنهن کي پنهنجي دور جا ماڻهو دهشت ۽ نفرت سبب “اشوڪ چنڊ” ڪوٺيندا هئا. ان “چنڊ” جومطلب آسمان جو چنڊ نه هو. ان چنڊ جو مطلب اهو هو، جنهن کي سان سڌي ٻوليءَ ۾ “چنڊو” يا “نڀاڳو” چوندا آهيون. اشوڪ رت جا درياهه وهايا پر هن جي جيون ۾ هڪ موڙ اهڙو آيو، جڏهن هن پنهنجي تلوار اڇلائي ۽ ٻڌ ڌرم اختيار ڪري من جو فقير بڻجي ويو.
اشوڪ ويڙهو هو. اشوڪ ظالم ويڙهو هو. اشوڪ پنهنجي تاريخ تلوار جي نوڪ سان انساني رت ۾ ٻوڙي لکي پر هن کي ڇا حاصل ٿيو؟ هن کي ڪيترائي ملڪ فتح ڪرڻ ۽ ڪيترائي راجا تهه تيغ ڪرڻ بعد اهو احساس ٿيو ته اصل فتح ملڪن مٿان نه ماڻهن جي من مٿان راڄ ڪرڻ آهي. اهو فيصلو ڪرڻ کان پوءِ به نه صرف ننڍي کنڊ پر سموري ڏکڻ ايشيا ۾ امن عام ڪرڻ لاءِ ڪاهي پيو ۽ هن جبلن توڙي پهاڙن جي مٿان امن جا ليک لکرايا. هن گوتم ٻڌ جون ڌيان گيان واريون مورتيون ٺهرايون. هن گوتم جي نالي سان امن جو نئون اتهاس جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. اڄ ننڍو کنڊ اشوڪ کي محبت سان ڀريل اکين سان تڪي ٿو.
ننڍو کنڊ پنهنجي تاريخ ۽ تاريخ مان حاصل ٿيندڙ سبقن جي سلسلي ۾ هڪ عظيم پاٺ شالا آهن. اسان ننڍي کنڊ وارن هن مهل تائين پنهنجي اتهاس مان امن جو سبق حاصل نه ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته ننڍو کنڊ امن جي حوالي سان آسمان جو اهو مرجهايل چنڊ آهي، جيڪو چنڊ گهرڻ جي صورت ۾ نظر ايندو آهي. اسان ننڍي کنڊ وارن کي امن جو وڏو پيغام آخر ڪڏهن ملندو؟ ڇا تاريخ جو ٽمندڙ گهاءُ ڀرڻ لاءِ جديد دور جو شعور به ڪافي ناهي؟ ڇا اسان پنهنجي رتورت تاريخ کي سلجهائي ۽ سهڻي ريت رقم ڪري نه ٿا سگهون؟ ڇا اسان امن جي واٽ تي وک وڌائي نئون سنسار جوڙي ڇو نه ٿا سگهون؟