رانديون

پاور هٽنگ ڪوچ جو عهدو متعارف، نون ڪوچز جي بھ ڳولا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيشنل هائي پرفارمنس سينٽر ۾ پاور هٽنگ ڪوچ جو عهدو متعارف ڪرائڻ سان گڏ نون ڪوچز جي بھ ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي جي نيشنل هائي پرفارمنس سينٽر ۾ رانديگرن جي تربيت خاطر پاور هٽنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويندو. جڏهن تھ اختيارين فيصلو ڪيو آهي تھ نون ڪوچز جي مقرري جي مد ۾ 17 جنوري تائين درخواستون ورتيون وينديون، جنهن بعد نوان ڪوچ مقرر ڪيا ويندا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ بورڊ ۾ پرفارمنس، بيٽنگ، فيلڊنگ، بالنگ ۽ پاور هٽنگ ڪوچ رکڻ تي اتفاق ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button