پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

وفاق سنڌ کي نظرانداز ڪري يوريا ٻين صوبن کي ڏي پيو:سنڌ حڪومت

ڪراچي :وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور حسين وساڻ وفاق تي سنڌ جي حصي جو يوريا ڀاڻ ٻين صوبن کي ڏيڻ جو الزام هنيو آهي. زراعت واري صلاحڪار منظور وساڻ پنهنجي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ به پاڪستان جو حصو آهي. وفاق پاران نظرانداز ڪري سنڌ جو يوريا ڀاڻ ٻين صوبن کي ڏنو پيو وڃي. عمران خان ڪونه ڪو بھانو بڻائي سنڌ حڪومت کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اهو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته وفاق سنڌ جي علائقي ڏھرڪي مان يوريا کڻي ويندڙ گاڏين جا تفصيل فراھم ڪري. ٿي سگهي ٿو ته وفاق يوريا ڀاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ کي به مو ڪليندو ھجي ۽ آئون سنڌ جي ڊيلرز سان به متفق ناھيان انهن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وفاق حصي جو يوريا ڀاڻ سنڌ کي نه ڏئي رهيو آهي. اسان ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀاڻ ڪشمور کان پنجاب اسمگل ٿي رهيو آهي، يوريا ڀاڻ وارين گاڏين کي ٽريڪر لڳل ھوندا آھن. وفاق ڊيٽا ڏئي ته ڪيتريون گاڏيون روزانو هتان وڃن ٿيون؟ منظور وساڻ چيو ته سنڌ ۾ 540 جعلي ڀاڻ 3 هزار بورين جا ڪنٽينر هٿ ڪري هڪ تي ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ ھڪ کي گرفتار ڪري 3 دڪان ۽ گودام سيل ڪيا ويا آهن. ضبط ڪيل ڀاڻ سرڪاري اگهه تي هارين کي ڏنو پيو وڃي. واپاري ڪيترا به طاقتور ڇونه هجي، ذخيرا اندوزي ڪندڙ کي نه ڇڏيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button