پاڪستانسنڌ

گم ماڻهن بابت ڊي جي رينجرز،آ جي سنڌ ۽ گهرو کاتي کي نوٽيس

ڪراچي :سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪسٽم ملازم مهر عالم سميت چئن ماڻهن جي گم ٿيڻ بابت ڊي جي رينجرز، آئي جي سنڌ، گهرو کاتي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. هاءِ ڪورٽ ۾ ڪسٽم ملازم مهر عالم سميت چئن ماڻهن جي گم ٿيڻ بابت درخوست جي شنوائي ٿي. درخواست گذارن جي وڪيل موقف ڏنو ته مهر عالم، ايوب خان، شمس الدين سميت ٻين کي ڪورنگي ۽ ٻين علائقن مان حراست ۾ ورتو ويو. حراست ۾ وٺڻ کانپوءِ غائب ٿي ويا، بازياب ڪرايا وڃن. عدالت ڊي جي رينجرز آئي جي سنڌ ۽ گهرو کاتي کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان 19 جنوري تائين لکت جواب گهري ورتو. عدالت گم ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button