اسلام آبادپاڪستان

سياري جون موڪلون 3 جنوري کان ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد:نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) سياري جي موڪلن جو اعلان ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. ڪالهه منصوبابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اين سي او سي تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون 3 جنوري کان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انهن علائقن کي ڇوٽ هوندي جتي ڪوهيڙو ۽ موسم جي شدت وڌيڪ آهي، فيصلي جو مقصد شاگردن جي وڌ کان وڌ ويڪسينيشن ڪرڻ آهي. اين سي او سي والدين کي اپيل ڪئي آهي ته پنهنجن ٻارن کي ڪرونا ويڪسين جلد کان جلد لڳرايو، لکين شاگردن جي ويڪسينيشن رهيل آهي، انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ٻار انفيڪشن جو شڪار ٿي سگھن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button