اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ طرفان 16 هزار برطرف ملازم بحال ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ 16 هزار ملازمن جي برطرفي خلاف نظرثاني اپيلون رد ڪندي ملازمن کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
گريڊ 8 کان 16 تائين جا ملازم ٽيسٽ ۽ انٽرويو ڏيندا. هڪ کان 7 گريڊ جا ملازم آئين جي آرٽيڪل 184 جي شق 3 تحت بحال ٿي ويا. 8 کان 17 هين گريڊ جي ملازمن جي بحالي ٽيسٽ سان مشروط ڪئي وئي آھي. امتحان ڏئي ڀرتي ٿيل ملازمن کان ٻيهر ٽيسٽ نه ورتي ويندي. ان ڏس ۾ ڪالهه سپريم ڪورٽ 16 هزار سرڪاري ملازمن جي برطرفي خلاف داخل ڪيل اپيلن تي هڪ ڏينهن اڳ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ داخل ڪيل نظرثاني اپيلون رد ڪري ڇڏيون. جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو. سپريم ڪورٽ جي جج عمر عطا بنديال فيصلو پڙهي ٻڌايو. عدالت جو چوڻ هو ته سرڪاري ملازمن جي برطرفي خلاف نظرثاني اپيلون خارج ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 1996ع کان 1999ع تائين برطرف ٿيل سرڪاري ملازمن کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي پر مس ڪنڊڪٽ ۽ ڪرپشن تي ڪڍيل ملازم بحال نه ٿيندا. انهن ملازمن کي بحال ڪيو وڃي، جن لاءِ ٽيسٽ يا انٽرويو ضروري نه هئا. باقي گريڊ 8 کان 16 تائين جي جن ملازمن لاءِ ٽيسٽ، انٽرويو گھربل هئا اهي هاڻ ڏيندا. سپريم ڪورٽ برطرف سرڪاري ملازمن جي ڪيس جي لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته سيڪنڊ امپلائيز ايڪٽ 2010ع آئين جي آرٽيڪل 25،18،9 ۽ 4 جي ابتڙ آهي، تنهنڪري سيڪنڊ امپلائيز ايڪٽ 2010ع جي آرٽيڪل 8 تحت ڪالعدم قرار ڏجي ٿو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 184 ٿري ۽ آرٽيڪل 187 جو اختيار استعمال ڪري رهي آهي. جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته پارلياماني نظام حڪومت ۾ پارليامينٽ سپريم آهي، جن تاريخن تي ملازمن کي ڪڍيو ويو، انهيءَ تي بحال ڪيو وڃي ۽ سندن رهتون به ادا ڪيون وڃن. جسٽس منصور علي شاهه لکيو ته مضبوط جمهوري نظام ۾ پارليامينٽ ئي سپريم هوندي آهي، پارليامينٽ کي هيٺانهون ڏيکارڻ جمهوريت کي هيٺانهون ڏيکارڻ جي برابر آهي. ايڪٽ آف پارليامينٽ جي شق 4 آئين جي ابتڙ آهي، سيڪشن 4 ۽ سيڪشن 10 آئين سان ٽڪراءُ آهي جنهن جو جائرو وٺڻو آهي. هوڏانهن فيصلي کان پوءِ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سرڪاري ملازمن جي وڪيل عدالتي فيصلي کي هڪ وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته عدالت سرڪاري ملازمن کي ان تاريخ کان بحال ڪرڻ جو چيو جنهن کان کين برطرف ڪيو ويو هو. سرڪاري ملازمن جي وڪيل جو اهو به چوڻ هو ته عدالت 16 هزار ملازمن کي بحال ڪري هڪ وڏو انساني الميو ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. اها انهن سڀني ماڻهن جي ڪاميابي آهي، جن هن ڏکي وقت ۾ صبر ۽ همٿ کان ڪم ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button