پاڪستانعالمي

آمريڪا دهشتگردي خلاف پاڪستاني قدمن جو اعتراف ڪري ورتو

واشنگٽن: آمريڪا جي پرڏيهي وزارت ڊهشتگردي جي خلاف پاڪستان حڪومت ۽ ملڪي سيڪيورٽي ادارن جي قدمن جو اعتراف ڪيو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزارت دهشتگردي جي خطرن تي سالياني رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ دنيا جي مختلف خطن ۽ ملڪن کي خطرن جو جائزو ورتو ويو آهي. رپورٽ موجب پاڪستان کي 2020ع ۾ دهشتگردي جو خطرو رهيو ۽ پاڪستان ۾ 2019ع جي ڀيٽ ۾ 2020ع ۾ دهشتگرد حملن ۾ واڌ ٿي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ حملو ڪندڙن ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ۽ داعش پاڪستان بنيادي گروپ هئا، عليحدگي پسند گروپن بلوچستان ۽ سنڌ ۾ حملا ڪيا. رپورٽ ۾ ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ٽيرر فنانسنگ روڪڻ لاءِ قدم کنيا ۽ افغان ڳالهين جي عمل ۾ سهڪار به ڪيو پر 2015ع جي نيشنل ايڪشن پروگرام تي محدود اڳڀرائي ٿي ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڀرپور قدم نه کنيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button