رانديون

آسٽريلوي بورڊ پاڪستان ۾ سيريز کيڏڻ جي پڪ ڏياري ڇڏي

آسٽريليا جي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ۾ سيريز کيڏڻ جي پڪ ڏياري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيف ايگزيڪيوٽو نڪ هاڪلي وفد جي پاڪستان جو دورو ڪرڻ بعد خاطري ڏني آهي. نڪ هاڪلي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تھ پاڪستان ۾ ڪرونا جي ويريئنٽ اومڪرون جا ڪيس وڌڻ باوجود ٽيم جو دورو شيڊول تحت ٿيندو. هن جو چوڻ هو تھ صورتحال ڏکي ضرور آهي، پر اسين پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۾ پرعزم آهيون ۽ ان حوالي سان پي سي بي سان بھ رابطو آهي. هن چيو تھ جيستائين حالتون محفوظ آهن، پاڪستان جو دورو ڪرڻ لا اسان جو عزم مضبوط آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button