رانديون

باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ انگلينڊ 185 رنسن تي آئوٽ

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ايشز سيريز جي ٽين ٽيسٽ باڪسنگ ڊي جي پهرين اننگ ۾ 185 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ٽين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن پهرين اننگ ۾ انگلينڊ جا بيٽر وڏو اسڪور نھ ڪري سگهيا، رڳو جوئي روٽ 50 رنسن سان نمايان رهيو. جڏهن تھ زيڪ ڪرائولي 12، ڊيوڊ ملان 14، بين اسٽوڪس 25، جوني بيئريسٽو 35، اولي رابنسن 22 رنسون ٺاهيون. آسٽريلوي بالرن مان پيٽ ڪمنز ۽ ليان نيٿن 3،3 وڪيٽون ورتيون، مچل اسٽارڪ 2 ڄڻا آئوٽ ڪيا. آسٽريليا پهرين اننگ ۾ ڊيوڊ وارنر جي وڪيٽ وڃائي 61 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button