

آڪلينڊ (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ وومنز ڪرڪيٽ ٽيم چوٿين ون ڊي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ نيوزيلينڊ وومنز ٽيم کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ جي ٽيم 8 وڪيٽن جي نقصان تي 244 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ ۾ انگلينڊ جي ٽي، 50هين اوور ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ميچ کٽي ورتي. جڏهن تھ هيٿر نائيٽ 101 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي آهي. هي ميچ کٽي انگلينڊ سيريز پڻ کٽي ورتي آهي.