رانديون

پاڪستان سميت سمورا ٽوئر پورا ڪرڻ جو پلان آهي: ويسٽ انڊين بورڊ

جميڪا (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم جي سي اي او جوني گريو چيو آهي تھ پاڪستان سميت سمورا ٽوئر پورا ڪرڻ جو پلان آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ سمورا طئي ٿيل ٽوئر مڪمل ڪرڻ لا ذميداري پوري ڪئي ويندي. هن جو چوڻ هو تھ دوري کان اڳ ضروري عمل جو جائزو ورتو ويندو، جڏهن تھ پليئرز ايسوسيئيشنز ۽ رانديگرن سان بھ ڳالهايو ويندو. هن چيو تھ سي اي او پي سي بي وسيم خان سان معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسان کيس چيو تھ ايندڙ هفتي وڌيڪ ڳالهائينداسين. هن چيو تھ اسان جي مينز ۽ وومنز ٽيمن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button