ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا چيو آهي تھ منهنجي ۽ شعيب ملڪ جي شادي تي ماڻهن جو آيل ردعمل غيرمعمولي هو. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ پاڪستان ۽ ڀارت سان تعلق وارا هزارين گهوٽ ڪنوار جون شاديون ٿيون آهن ۽ اسان بھ نارمل سمجهيو، پر ماڻهن غيرمعمولي ردعمل ڏيکاريو. هن جو چوڻ هو تھ مان ۽ منهنجو مڙس ڏکئي کان ڏکئي وقت ۾ سدائين هڪٻئي جو ساٿ ڏيندا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ ثانيا مرزا چيو تھ سوشل ميڊيا کي سنجيدا وٺڻ سان مسئلا ٿيندا آهن، مان تھ ان جي پرواهه نٿي ڪيان. جڏهن تھ ٽينس تان رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو آهي، پر هڪ سال جي سيزن اڃا باقي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close