پاڪستان جي تيز بالر محمد حسنين جو بالنگ ايڪشن غيرقانوني قرار ڏنو ويو، جنهن بعد کيس بالنگ ڪرائڻ کان روڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق آسٽريلوي ماهرن حسنين جي بالنگ ايڪشن جو جائزو ايڪريڊيٽڊ ليب ۾ بھ ورتو، جنهن کان اڳ 21 جنوري تي بھ سندس هڪ ٽيسٽ ٿي آهي. آسٽريلوي ماهرن جي رپورٽ بعد پي سي بي حسنين کي بالنگ ڪرائڻ کان روڪي ورتو ۽ کيس ٻي ٽيسٽ ڪرائڻ ۽ نتيجو اچڻ تائين پي ايس ايل مان ڪڍي ڇڏيو آهي. پي سي بي اختيارين جو چوڻ آهي تھ آسٽريلوي ماهرن موجب حسنين جي گهربل معيار کان موجب ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close