رانديون

لاهور ۾ پي ايس ايل ميچن ۾ 100 سيڪڙو تماشائي آڻڻ جي اجازت

پاڪستان سپر ليگ سيزن 7 جي لاهور وارين ميچن ۾ 100 سيڪڙو تماشائي آڻڻ جي اجازت ملي وئي آهي. ميڊيا مطابق وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيل اين سي او سي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي تھ ايونٽ ۾ 15 فيبروري تائين 50 سيڪڙو تماشائين کي اچڻ جي اجازت هوندي، جنهن کي 16 فيبروري کان 100 سيڪڙو ڪيو ويندو. جڏهن تھ فيبروري کان ايندڙ 100 سيڪڙو تماشائين ۾ 12 سالن کان گهٽ عمر وارا ٻار بھ ميچ ڏسي سگهندا. اين سي او سي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تھ، اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيڻ ويڪسينيشن سان مشروط ڪرڻ جو بھ فيصلو ٿيو. جڏهن تھ ريپڊ ٽيسٽ ختم ڪئي وئي آهي. هوڏانهن لاهور ۾ پي ايس ايل هي ٻئي مرحلي وارين ميچن جي مد ۾ ٽيمن جا رانديگر پهچڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ رهيل رانديگر اڄ پهچي ويندا. ٻئي پاسي پنجاب جي صوبائي اختيارين سيڪيورٽي جي ڏس ۾ بھ ريهرسل ڪرائي آهي ۽ رانديگرن توڙي ميچن جي سيڪيورٽي ۾ رينجرز پڻ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button