رانديون

ڪراچي ڪنگز خراب رٿابندي سبب پوئتي رهجي وئي

پاڪستان سپر ليگ جي چيمپيئن رهندڙ ۽ پرفارمنس ۾ سڀني کي متاثر ڪندڙ ٽيم ڪراچي ڪنگز جي پي ايس ايل سيزن 7 ۾ ڪارڪردگي هن وقت تائين تمام گهڻي خراب رهي آهي، جنهن جو وڏو سبب ٽيم مينيجمينٽ جي خراب رٿابندي ڄاڻائي وئي آهي. ميڊيا مطابق پي ايس ايل 7 جي ميچن ۾ ڪراچي ڪنگز جي شڪستن بابت ورتل معلومات مطابق پي ايس ايل 7 ۾ ڪراچي ڪنگز جي شڪستن جا 5 وڏا سبب سامهون آيا آهن، جن مان پهريون ۽ مک سبب ڊرافٽنگ ۾ خراب رٿابندي آهي، جنهن سبب رانديگرن جي چونڊ غلط هجڻ ٻڌايو ويو آهي. جڏهن تھ ٻئي نمبر تي اهم رانديگرن محمد عامر ۽ محمد الياس جي انجري بھ ٽيم کي اڳتي نڪرڻ نھ ڏنو. اهڙي ريت ڪپتان بابر ۽ شرجيل خان تي ضرورت کان وڌيڪ اعتماد بھ شڪست ڏياري. جڏهن تھ پرڏيهي رانديگرن جي نوڌيڪ چونڊ ۽ وڪيٽ ڪيپر جهڙي فيصلي بھ اثر وڌا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button