سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

يورپي سائنسدانن ايٽمز جي ميلاپ سان بجلي پيدا ڪري ورتي

يورپ جي سائنسدانن دعوا ڪئي آهي تھ انهن ايٽمز جي ميلاپ سان 11 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ، سائنسدانن جو چوڻ آهي تھ نيوڪليئر فيوزن جي عمل ذريعي توانائي پيدا ڪرڻ جو ڄاڻايل طريقي تي عمل ڪرڻ ممڪن آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ستارن جي روشني ۽ حدت نيوڪليئر فيوزن جي عمل سبب آهي. هن عمل ۾ هڪ کان وڌيڪ ايٽم هڪٻئي ۾ ضم ٿي ويندا آهن، جنهن سان توانائي جي گرمائش ۽ روشني جي صورت ۾ سامهون اچڻ آهي. سائنسدانن موجب جيڪڏهن اسين زمين تي نيوڪليئر فيوزن جو عمل ڪاميابي سان ڪيون تھ ان سان لا محدود توانائي ملي سگهي ٿي، جنهن مان ڪاربن ۽ تابڪاري جو نڪرڻ گهٽ ۾ گهٽ ٿيندو. ٻڌايو وڃي ٿو تھ برطانيا جي جيٽ ليبارٽري هائيڊروجن جي ٻن قسمن کي هڪٻئي ۾ ضم ڪري توانائي پيدا ڪرڻ جو پنهنجو ئي رڪارڊ ٽوڙيو آهي. هن تجربي ۾ 5 سيڪنڊن کان ڪجهه ڌيڪ وقت ۾ 59 ميگا جولز توانائي پيدا ڪئي وئي، جيڪا 11 ميگا واٽ بجلي جي برابر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button